ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪڍڻ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد تي تشدد واري الزام هيٺ معطل ٿيل استاد امتياز علي عمراڻي کي تعليم کاتي طلب ڪري ورتو، ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري وٽ پيش ٿي معطل ٿيل پرائمري ماستر امتياز عمراڻي پنهنجو لکت ۾ بيان جمع ڪرايو، جڏهن ته ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي الزام هيٺ آيل استاد امتياز عمراڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر حيدرآباد ۽ ڊي اي او بدين جي رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ڊي اي او سندس خلاف انڪوائري رپورٽ جاري ڪئي پر سندس بيان به رڪارڊ نه ڪيو ويو، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر جي سربراهي ۾ آيل ٽيم هن جو بيان رڪارڊ ڪيو پر انهي ٽيم کي ڊي اي او آفيس گائيڊ ڪيو ۽ انهن به اها ئي رپورٽ ڏني ته آئون گوسڙو استاد آهيان پر آئون گوسڙو نه هڪ فرض شناس استاد آهيان، جنهن تي جڏهن مظفر کٽي حملو ڪيو ته مون پنهنجي دفاع ۾ انهي کي مارڪٽ ڪئي، هيڊماسترياڻي تي تشدد وارو الزام بي بنياد آهي، هن چيو ته تعليم کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري وٽ هن پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، اميد آهي ته کيس انصاف ملندو.