سجاول (ن پ ا) سجاول ۾  جعلي ڊوميسائيل جاري ٿيڻ وارو مامرو، ڊي سي سجاول جي سفارش تي ڪمشنر حيدرآباد نوٽيس ورتو، الزام هيٺ آيل ڪلارڪ معطل، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو حيدرآباد انڪوائري آفيسر مقرر، ان ڏس ۾ ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ گذريل ڏينهن سجاول ضلعي ۾ 430 جعلي ڊوميسائيلن واري معاملي بابت نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي، ڊي سي سجاول امتياز علي ابڙو پاران لکيل خط جي نتيجي ۾ ڊي سي آفيس سجاول ۾ ڊوميسائيل برانچ جي هٽايل انچارج جونيئر ڪلارڪ جميل احمد ميمڻ کي معطل ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن تہ معاملي جي گھڻ رخي جاچ جي لاء ايڊيشنل ڪمشنر ٽو حيدرآباد ڊويزن کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪندي حڪم ڏنو آهي تہ ٻن هفتن اندر معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ ڏني وڃي۔