قمبر ( رپورٽر) قمبر ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين غيبي ديرو روڊ، پنهوارو روڊ کي ڏنل ڪٽ 2 مهينا گذرڻ باوجود بند نه ٿيڻ خلاف ملڪ غيبي چانڊيو. مختيار چانڊيو جي اڳواڻي ۾ قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي ڌرڻو هنيو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته انتظاميا جي نااهلي جي ڪري ڪٽ بند نه ٿيڻ سبب غيبي ديرو جي ڪاڇي وارن سوين ڳوٺن جو قمبر سان زميني رابطو ڪٽيل آھي.هنن چيو ته ايف پي بچاءَ بند ۽ سم نالن کي لڳل گهارا به انتظاميا بند ناهن ڪرايا، هزارين ايڪڙ زرعي زمين ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آھي.ڳوٺاڻن ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن پاڻي نيڪال نه ڪرايو ته ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي به نه ٿي سگهندي،  ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر  ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون جنهن بعد مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن  وفد جي صورت ۾ ڊي سي قمبر سان ملاقات ڪئي ۽ ڊي سي مظاهرين کي سمورا مسئلا جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.