ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي برسات سٽيل علائقن ۾ ڦهليل گيسٽرو، ڊينگي ۽ مليريا تي ضابطو نه آيو، 4/ ٻارڙن ۽ 3 عورتن سميت وڌيڪ 15 ڄڻا فوت، ڪيترائي مبتلا، خبر موجب ٿاڻو بولاخان جي ڳوٺ علو عاقلاڻي ۾60 ورھين جو لائق ڏنو عاقلاڻي، ڳوٺ مصري رند ۾ حاجي ڪمال رند ۽ ٿاڻو عارب خان ۾ 70 ورھين جي پڏي زال مولابخش مليريا سبب فوت ٿي ويا، ميھڙ ۾ ايم اين وي ڊرين جي ڪپرن تي ويٺل ڳوٺ گھاڙي جاگير جي رھواسي ٻوڏ متاثر اعجاز کوسو جي 6 ورھين جي ڌيءُ ساجدهه کوسو گيسٽرو وگھي فوت ٿي وئي، ڄام نواز علي ويجهو ڳوٺ عبدالوحيد نظاماڻي ۾ گيسٽرو وگهي 10سالا جڳسي ڀيل فوت ٿي ويو، ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ آندل سولنگي ۾ چئن سالن جي عنوشا سولنگي گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي، ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ دين محمد کرل ۾ 6 سالن جي نينگري اجوهه کرل گيسٽرو وگھي فوت ٿي وئي، فريدآباد جي ڳوٺ حاجي گاھي خان سيلرا جو رھواسي صوبيدار سيلرو گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويو آھي، خيرپور ناٿن شاهه جي ٻگهيا محلا واسي روينيو کاتي جو ملازم غلام سرور ٻگهيو تيز بخار ۽ ساهه جي تڪليف سبب هڪ دڪان اڳيان صندل تي تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، واهي پانڌي جي ڳوٺ بکر جمالي ۾ مليريا سبب 22 سالن جي مرجان زال مشڪل جمالي بخار سبب فوت ٿي وئي، پيرجو ڳوٺ ويجهو ڳوٺ فتح خان جاگيراڻي واسي مسمات پٽل خاتون ۽ ڪزبانو جاگيراڻي گيسٽرو وگهي زندگي وڃائي ويٺيون، جهڏو ويجهو ڳوٺ فتح خان پتافي ۾ ٻوڏ متاثر 7 ٻارن جي ماءُ 45 سالا مسمات بختاور زال بابو ملاح گيسٽرو سبب فوت ٿي وئي، گلشن اقبال ٽائون ڪراچي جي رليف ڪيمپ ۾ ترسيل ڪي اين شاهه واسي نوجوان خادم حسين چانڊيو ڊينگي سبب فوت ٿي ويو، ڪي اين شاهه ۾ قبرستان برساتي پاڻي ۾ ٻڏل هئڻ سبب لاش کي دفنائڻ لاءِ کورواهه آندو ويو، ڦل لڳ ڳوٺ الھرکيو مري ۾ خدابخش مري مليريا سبب فوت ٿي ويو، خيرپور ۾ گيسٽرو ۽ مليريا تي ضابطو اچي نه سگهيو، 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 35 ٻارڙن کي سٽي اسپتال خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو، گيسٽرو ۽ مليريا سبب اسپتال داخل ڪيل ٻارن ۾ ثمينه، راجا، مسڪين، امان، زاهده، امينا، محمد بخش، حانيا ۽ ٻيا شامل آهن.