ڪراچي (نمائندن وٽان)  سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي برساتي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ان ڏس ۾ ملير  ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، ايس ٽي پي اڳواڻ خير محمد مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي منان شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ڊي سي آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، حيدرآباد ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ايس يو پي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻو، ايس ٽي پي جي جان محمد جوڻيجو، قومي عوامي تحريڪ جي نذير بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.   ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي اڳواڻ اقبال حاجاڻو ؛ جسم جي ظھور ھاليپوٽو ؛ جسقم  جي زاھد جسڪاڻي ؛ سنڌ نيشنل پارٽي جي دودو ھاليپوٽو ؛ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي شاھد نور ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي نائب صدر عزيز الله ڀٽو، ضلعي صدر ذوالفقار بليدي، ايس يو پي جي ضلعي صدر ڊاڪٽر مظهر مغل، خورشيد ڪيهر، لياقت پنهور، ايس ٽي پي اڳواڻ نصير ڪلهوڙو، احمد نواز بروهي جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس اڳيان ريلي ڪڍي وئي. نيوسعيدآباد ۾ ايس يو پي اڳواڻ غلام مصطفا رند، ايس ٽي پي جي اڳواڻ ملھار شيدي، مصري خان سھيل قريشي ۽  رفيق ترڪ  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.  ميرپورخاص ۾ منظور ميمڻ، ڪرڙ لٻاري، واجد لغاري، عبيد بنگلاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويو،شهدادڪوٽ ۾ ايس يو پي اڳواڻ حاڪم مستوئي، الھداد خشڪ، ايس ٽي پي اڳواڻ امداد سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. نوشهرو فيروز ۾ رضا محمد بهڻ، اصغر بليدي، عرفان ڏاھري، لالا شاھد پٺاڻ، ياسين سومرو، عبدالحميد پھنور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،  ڪوٽڙي ۾ آيل ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي ڄامشورو پاران ڊي سي ٽيليگراف ڦاٽڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو ھڻي هنيو ويو. بدين ۾ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي شاھنواز سيال, امير آزاد پنھور,خادم ٽالپر, حيدر شاھ جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جو شاھنواز چوڪ بدين کان آحتجاجي ريلي ڪڍي مطالبن جي مڃتا لاء ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويو, ٺٽو ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي آرگنائيزر شبير ڀٽي، لياقت ٻارڻ، جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي جي ايم ڪاتيار، پورھيت مزاحمت جي نظر جاکرو ۽ وليج وي ڊي او ٺٽو زاهد امير جوکيو  اڳواڻي ۾ مظاھرو ٿيو. جيڪب آباد ۾ عبدالستار جاگيراڻي، عبدالرزاق لاشاري ۽ نظام مستوئي جي اڳواڻي ۾ شھيد الهه بخش سومرو پارڪ کان ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. خيرپور ۾ شاڪر علي شاهه، ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي، نثار سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ضلعي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.سکر ۾ عيدن جاگيراڻي، حسيب جوڻيجو، نومي سنڌي، ظفر کوسو، عبدالمجيد پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي ڊپٽي ڪمشنر آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن سنڌ حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو ته متاثرن لاءِ آيل سامان گدامن ۽ سرڪاري ڌر جي بااثر ماڻھن جي اوطاقن ۾ لڪايو ويو آھي. ٻاھرين ملڪن مان آيل امدادي سامان متاثرن تائين ناھي پھتو، حڪومت سنڌ متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. لکين ايڪڙ فصل تباھ ٿي ويا آھن، ڪڻڪ جي پوکي به نه ٿي سگهندي، حڪومت سنجيدا قدم کڻڻ بجاءِ بحاليءَ جي نالي تي اربين روپيا هڙپ ڪرڻ جي چڪر ۾ آھي. ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته ٻن مهينن تائين برسات متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جو نوٽِس وٺي ٻوڏ متاثرن کي رليف فراهم ڪري.