قمبر ( رپورٽر)  قمبر جي ڳوٺ ميانداد گراماڻي جي رهواسي ٽيوب ويل تي ستل پيرسن ممتاز گراماڻي چانڊيو کي جوابدارن منهن ۽ مٿي ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، دوست علي بنگلا ٿاڻي جي پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ قمبر اسپتال آندو، لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو پئجي ويو. امير جان ٻڌايو ته والد زرعي زمين کي ٽيوب ويل ذريعي پاڻي ڏيڻ لاءِ ستل هو ته جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪري ويا، صبح جو کيس چانهن ڏيڻ وياسين ته سندس لاش کٽ تي پيل هيو، ڪنهن سان به دشمني ناھي.