ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو لڱ ڪانڊاريندڙ واقعو پيش آيو آهي، ڳوٺ شهمير ٻرڙو ۾ راند ڪندي صحافي  عبدالرزاق ٻرڙو جون ٻه ڌيئريون 6 ورهين جي ماريا ۽ 8 ورهين جي مريم گهر ٻاهران راند ڪندي واهه ۾ ڪري ٻڏي ويون، ڳولا بعد ٻنهي ڀينرن جا لاش ٻن ڪلاڪن بعد واهه مان ڪڍي ورتا، ٻنهي ڀينرن جا لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، سندس لاشن مٿان امڙ چمبڙي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي بيهوش ٿي وئي، جڏهن ته فوتي ڀينرن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪري ڇڏي آهي، صحافي عبدالرزاق ٻرڙو ٻڌايو ته نياڻيون گهر ٻاهران راند ڪندي واهه ۾ ٻڏي ويون.