خيرپور (رپورٽر) خيرپور پوليس ڏوهارين سان مقابلو ڄاڻائي هڪ زخمي جوابدار سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب شاهه لطيف ٿاڻي جي پوليس ڄاڻايو آهي ته گشت دوران ڳجهو اطلاع ملڻ تي لاشاري پل ڀرسان ڏوهارين ۽ پوليس وچ ۾ ٿيل مقابلي دوران هڪ جوابدار غلام مصطفيٰ شيخ زخمي ٿي پيو. جڏهن ته پوليس، مقابلي بعد غلام مصطفيٰ ۽ جاويد شيخ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 2 ٽي ٽي پستول ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون. پوليس موجب گرفتار  جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ مختلف ٿاڻن مان معلوم ڪيو پيو وڃ. زخمي جوابدار کي علاج لاءِ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي.