قمبر ويجهو پاڻي مامري تان جهيڙو، 3 ڄڻا قتل، 4 زخمي

0
285
قمبر ويجهو پاڻي مامري تان جهيڙو

لاڙڪاڻو/قمبر (نمائندن وٽان) قمبر جي ڳوٺ بوھڙ ۾ پاڻي جي معاملي تان بوهڙ ۽ چانڊيا برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ فداحسين بوھڙ، سندس پٽ ابراهيم بوهڙ ۽ حبدار چانڊيو قتل جڏهن ته چئين کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، زخمي لاش واقعي واري هنڌ پيل ڌريون مورچابند ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. واقعي جو اطلاع ملڻ تي ايم پي اي برهان خان چانڊيو، ڊرگهه ۽ لعلو رائنڪ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فائرنگ بند ڪرائي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.