گڊو: وين کي باھ لڳڻ وارو واقعو، وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ 8 ٿي ويو

0
265
وين کي باھ لڳڻ وارو واقعو

گڊو(ن پ ا) گذريل ڏينھن روجھان مزاري وٽ وين کي باھ لڳڻ واري واقعي ۾ سڙي ويل وڌيڪ 3 ڄڻا زخمن جا سور نه سھندي تعلقه اسپتال روجھاڻ ۾ فوت ٿي ويا، انگ وڌي 8 ٿي ويو، ھڪ ئي گھر مان 8 ڄڻن جا لاش نڪرڻ وقت روجھان مزاري جي گھٽين ۾ ھر ھڪ اک رت جا ڳوڙھا روئي پئي، جڏھن ته واقعي ۾ فوت ٿيل 8 ڄڻن جي نماز جنازه روجھاڻ مزاري ۾ ادا ڪئي وئي آھي، نماز جنازه ۾ سياسي سماجي شھرين ڊپٽي اسپيڪر پنجاب دوست محمد مزاري، اسيمبيلي ميمبر سردار رياض محمود، سردار خضر مزاري ۽ سردار ريحان خان سوڌو وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي، جڏهن ته سمورن فوت ٿيلن جي تدفين ابائي قبرستان ۾ ڪئي وئي آهي.