ٽنڊو غلام حيدر ڀرسان ڊاٽسن ڪلٽي، نينگر فوت، 25 مسافر زخمي

0
254
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

ٽنڊوغلام حيدر(ن پ ا) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان مين بدين_ حيدرآباد روڊ تي مزدورن سان ڀريل تيز رفتار ڊاٽسن جو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن وسوڌو 25 ڄڻا زخمي ۽ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، زخمين ۾ رميش، گووند، نشا، مير خان، طيان، ميگهي، ويرسن، وجيش، راهول، قبو سورج، رميش، هيرو، لکو، ڀارتي، شملو، وجو شامل آهن، جڏهن ته 14 سالن جو راهول پٽ امرشي فوت ٿي ويو، نينگر جو لاش ۽ زخمين کي ٽنڊي غلام حيدر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.