قصو ھڪ واٽس ايپ ڪال جو…!

0
419

ھڪ طرف قھاري ڪورونا، ٻئي پاسي وري برف باري سڄو سال ھاسٽل جي ڪمري ۾ قيد رھياسين. ڪجھه ھفتن کان اونھاري جي موسم شروع ٿي وئي آھي، موسم جو مزو وٺڻ لاءِ ھاسٽل کان پنڌ نڪري پيس. ھونئن به ھتي ڪار جي ڪا اھميت ناھي، شروعاتي ڏينھن ۾ اسان به ڪار، ٽرام ۽ بسن ۾ سفر ڪندا ھئاسين، مرسيڊيز، اوڊي، بي ايم ڊبليو الائي ڪيترا نالا پرآھستي آھستي خبر پئي ته جرمن ماڻھو پنڌ ھلڻ ۽ سائيڪل کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. ڀلا ھتان جا ماڻھو پنڌ ڇو نه ھلن، ھتي پنڌ ھلڻ وارن جا رستا الڳ، سائيڪل ھلائڻ وارن جو رستو الڳ، ڪار، بس ۽ ٽرام لاءِ رستا الڳ ٺھيل آھن.
ايئن نه آھي جو ھتي ڪو پارڪ يا راند جا ميدان نه آھن پر آزاد زندگي جو مزو ماڻڻ لاءِ ھتي جا نوجوان مرد توڙي عورتون اوھان کي رستن تي ڊوڙ ڪندي، ورزش ڪندي ڏسڻ ۾ ايندا. ھتي جا ماڻھو سائيڪل کي ثقافتي پاسپورٽ سمجھن ٿا، ھر گھر ۾ تقريبن ھر فرد وٽ سائيڪل آھي. ايتري قدر جو يورپ جي گھڻن ئي ملڪن ۾ ملڪ جي آدمشماري کان وڌيڪ انھن وٽ سائيڪلون آھن. ھر طرف اوھان کي ٻار توڙي ٻڍا اوھان کي رستن تي سائيڪل ھلائيندي نظر ايندا. منھنجو پنڌ ھلڻ تي ڌيان گھٽ پر ڊوڙ ڪندڙ ۽ سائيڪل وارن ڏانھن ڌيان وڌيڪ ھو، مان سندن اھڙي ماحول دوست ۽ صحتمند سرگرميون ڪرڻ تي حيران ٿي رھيو ھئس ته واٽس ايپ تي پاڪستان مان پراڻي سنگتي جي ڪال آئي، سلام دعا ۽ حال احوال ٿيا…
دوست مون تي شڪ ڪندي چيو ته يار لڳي ته نٿو ته اوھان روڊ تي آھيو…نه ڪو شور آ نه ڪو گاڏين جو آواز… مون به کڻي وڊيو ڪال جو آپشن آن ڪيو. دوست منھنجي ڀرسان ڊوڙندڙ نوجوان مرد ۽ عورتن کي ڏسي ٿڌا ساھه ڀرڻ شورع ڪيا…ڳالھه مٽائيندي چيائين ته پنڌ ڇو پيو وڃين…خيال سان ھل ته ڪا گاڏي نه مٿان چڙھي وڃئي…!
مون کيس ورندي ڏني ته پيارا ھي ڪو پاڻ وارو پيارو ملڪ ٿورئي آ، نه ئي وري ھتي جا ماڻھو ايترا ٽرڙا آھن جو گاڏي منھنجي مٿان چاڙھين. ھتي ته مرسيڊيز، اوڊي، بي ايم ڊبليو ۾ ماڻھو گھر جو سامان وٺڻ ويندا آھن…۽ پاڻ وٽ شل نه ڪو مھراڻ ڪار جو مالڪ ٿئي پوءِ ته راڄن جا سڪون برباد ڪندو…!
ھتي ٽريفڪ جا قانون ايترا ته سخت آھن جوسرڪار ڏنڊ سان گڏ اوھان کان ھميشه لاءِ ڊرائيونگ لائسنس ئي ڦري وٺي. ھونئن ته پنڌ وارن جا رستا الڳ آھن پر جٿي اوھان کي رستو پار ڪرڻو ھوندو ته اتي به اوھان لاءِ رستي پار ڪرڻ جون جايون جدا ٺھيل آھن ان مخصوص ڪيل جاءِ وٽان اوھان اکيون بند ڪري روڊ ڪراس ڪري ٿا سگھو ڇو ته ھتي پنڌ ھلڻ واري جي اھميت گاڏي ۾ ويٺل ماڻھو کان وڌيڪ آھي.
دوست مون وارا احوال ٻڌي حيران ٿي رھيو ھو…مون به پنھنجي ڳالھه ۾ وڌاءٌ ڪري کيس ٻڌايو ته پيارا مون ٻن ٽن سالن ۾ اڃان ڪنھن گاڏي جي ھارن جو آواز ناھي ٻڌو. ھتان جا ماڻھو ھرڀرو ڪنھن ٻئي ماڻھو کي ھارن وڄائي تنگ نٿا ڪن. ڀلي ڪيتري به تڪڙ ڇو نه ھجي انتظار ڪندا ۽ صبر سان پنھنجي گاڏي ۾ ويٺل نظر ايندا…منھن به خراب نه ڪندا…رھندو اوھان جي ڪيل غلطي تي مسڪرائيندا ۽ اوھان کي ايئن محسوس نه ڪرائيندا ته اوھان جي غلطي جي ڪري ڪا قيامت اچي وئي يا ظلم ٿي ويو…يا دل ۾ اوھان کي گاريون ڏين… ان ڪري اھو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته ماڻھو روڊ تي تڪڙ ڪن يا وري گاڏي ھلائيندڙ پاڻ کي پنڌ ھلڻ واري کان اتم ۽ اعليٰ سمجھن.
دوست سوال ڪيو ته ايئن نه ھوندو، ڪڏھن ڪڏھن ته ماڻھو کي آفيس يا ڪنھن ڪم لاءِ دير ٿيندي ھوندي پوءِ تڪڙ ڪندا ھوندا؟
مون کيس وراڻيو ته پيارا ھتي جا ماڻھو وقت جا تمام گھڻا پابند آھن، ڪيل انجام کي ھر صورت ۾ پاڙيندا آھن، ان ڪري ھتي وقت جي تمام گھڻي اھميت آھي، اھو ممڪن ئي ناھي ته ماڻھو ڏنل وقت کان پوءِ پھچي. ھتي اڪثر ماڻھو 5 يا 10 منٽ اڳ ۾ اچي ويندا آھن…ڇو ته ھتي اھو تصور جوڙيل آھي ته ڏنل وقت تي نه پھچڻ مطلب ٻئي ماڻھو جي تذليل ڪرڻ. ان ڏس ۾ ڪو به بھانو بلڪل برو سمجھيو وڃي ٿو.
منھنجي ھڪ ڊاڪٽر دوست ٻڌايو ته مان پنھنجي پروفيسر سان طئه ڪيل جاءِ وٽ بلڪل ڏنل وقت تي پھچي ويس ۽ پروفيسر صرف 2 منٽ دير سان پھتو ته ان مون کان لکت ۾ معافي گھري ۽ 2 منٽ دير سان اچڻ جو مڪمل عذر بيان ڪيو. سندس بيان مطابق کيس گاڏي پارڪ ڪرڻ ۾ دير لڳي وئي. ڇو ته ھتي گاڏين بيھارڻ جون جايون به مخصوص ڪيل آھن ۽ اوھان ھر جاءِ تي گاڏي نٿا بيھاري سگھو. پاڻ وٽ وري اسان وارو سائين وچ رستي تي گاڏي بيھاري چماٽي جو اگھه پيو پڇا ڪندو آھي… وڏي ڳالھه تي ھتي ھرو ڀرو ايمولينس ۽ پوليس وارا به سائرن ناھن وڄائيندا… ھتي ھر ماڻھو ڪوشش ڪندو آھي ته منھنجي ڪري ٻئي جو سک خراب نه ٿئي…
ھتان جي ماڻھن وٽ وقت جي ايتري ته اھميت آھي جو، جيڪڏھن اوھان ڪنھن دعوت تي ويندا ته اتي پيش ڪيل طعام جي ايتري اھميت ناھي جيتري ان ملاقات ۾ ڏنل وقت جي آھي. ھتي جيڪڏھن ڪنھن ماڻھو اوھان کي دعوت ڏئي پنھنجي گھر گھرايو ۽ اتي اوھان کي وقت ڏنو ته مطلب ان اوھان کي تمام گھڻي اھميت ڏني. پاڻ وٽ وري ھوٽل زنده باد…ھوٽل مطلب واھه جي دعوت…!
دوست مون واريون ڳالھيون ٻڌي ٿورڙو پريشان ٿي ويو، چيائين ڀلا ھاڻي ڪيڏانھن پيو وڃين؟ مون کيس ورندي ڏني ته يار ايئن ئي موسم جو مزو پيو وٺان گھر ۾ مزو نه پئي آيو. دوست صلاح ڏيندي چيو ته ڪنھن دوست ڏانھن ھليو وڃ…تنھن تا مون واراڻيو ته پيارا ھي پاڻ وارو حيدرآباد ناھي جو بنا اطلاع ڏيڻ جي وڃي ڪنھن جي در تي ٺڪاءُ ڪيان…۽ اھا اميد ڪيان ته دوست به ويچارو پنھنجا سڀ ڪم ڇڏي مون سان ويھي ڪچھري ڪري…ھتي دوست سان ملڻ لاءِ به کيس اڳواٽ اطلاع ڪرڻ، ان کي ملڻ لاءِ آماده ڪرڻ ۽ پوءِ وقت ۽ جاءِ جو گڏيل رضامندي سان فيصلو ڪرڻ کي بھتر سمجھيو ويندو آھي…ھتي بنا اطلاع ڏيڻ جي اگر پٽ پنھنجي پيءَ سان ملڻ وڃي ۽ پيءَ ان سان ملڻ کان انڪار ڪري ته ان کي برو نٿو سمجھيو وڃي، ڇو ته ھر ڪنھن ماڻھو جي پنھنجي ذاتي زندگي آھي ۽ ڪنهن کي به اھو حق ناھي ته ھرو ڀرو وتي ٻين جا سڪون ڦٽائيندو. يار ھتان جا ماڻھو صفا عجيب آھن، ڪال ڪرڻ کان اڳ ۾ اوھان کي ميسيج ڪندا ته ڇا پاڻ ڳالھائي سگھون ٿا…اوھان کي ميسيج ۾ فون ڪرڻ جو مقصد به واضح ڪندا… پاڻ وٽ وري ھمراھه اچانڪ ڪال ڪندو…پوءِ جيڪڏھن اوھان واندا ناھيو تڏھن به اوھان کي ڪال ٻڌڻي آھي…! ھاڻي تون ٻڌاءِ ته اھڙي ماڻھن جو ڇا ڪجي؟
دوست چيو ته ھاڻي مان گھڻو سمجھي ويس… گھر پھچ ۽ جي واندڪائي ھجي ته ميسيج ڪجان، پوءِ جيڪڏھن مان به واندو ھوندس ته ڪچھري ڪنداسين…!