اڄ وارا معاملا سڀاڻي تي ڇو ٿا ڇڏيون !؟

0
349

“اڄ کي سُڀاڻي تي نه ڇڏيو، سُڀاڻي ڪڏهن به ناهي ايندي”
ضروري ناهي ته نيپولين جي انهي ڳالھه سان سڀئي متفق هجن پر مون کي اها ڳالھه سورنهن آنا سچ لڳندي آهي. زندگيءَ جي بي ثباتي ايتري ته وڌي وئي آهي جو اندازو ئي نه ٿو ٿئي ته ٻئي پل ڇا ٿيندو! هي جيڪا عالمي وبا سموري دنيا جي سُڪون کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي وئي آهي ۽ سڀني جو ساھه مُٺ ۾ ڪيو ويٺي آهي اُن زندگيءَ جي سڀني معاملن تي پنهنجا گھرا اثر ڇڏيا آهن.
آئون ٻن هفتن کان غير حاضر رهيو آهيان، ڪوشش جي باوجود ڪجھه به لکي نه سگهيس. ٿيو ايئن جو عيد واري ڏينهن اُٿڻ سان سوشل ميڊيا ذريعي خبر ملي ته ڪجھه ڏينھن کان ڪورونا وائرس سان جهيڙڻ کان پوءِ سنڌ جو ناليوارو ليکڪ بشير منگي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو! انهي خبر عيد جا رنگ ڌُنڌلا ڪري ڇڏيا. ساڳئي ڏينهن تي شام جو وري سيد حاڪم علي شاھه ۽ ڊاڪٽر نظير شيخ جي وڇوڙي جون خبرون مليون. عيد واري ڏينهن تي سنڌ جي ٽن سڄڻن جي وڇوڙي جيءُ جھوري وڌو. 
 زندگي جهڙي خوبصورت ۽ طاقتور شيءَ تي به پل جيترو به ويساهه نه هجي ته دنيا ۾ باقي ڇا ٿو بچي!؟ اسان زندگي جي ڪمن ڪارين جي معاملي ۾ اڪثر ڪري اڄ کي سُڀاڻي تي منتقل ڪندا رهندا آهيون پر نيپولين چواڻي سُڀاڻي اچڻي ئي ناهي.
جڏهن پل جي خبر ناهي ته اڄ جي معاملن کي سڀاڻي تي ڇڏڻ دانشمندي ڪيئن ٿي ٿي سگهي. اسين جڏهن صحتمند ۽ صاحبِ حيثيت هوندا آهيون ته اسان کان گهڻو ڪجھه وسري ويندو آهي، دنيا داري جي وهنوار ۽ هڻ وٺ ۾ زندگيءَ جي حقيقتن کي به وساري ڇڏيندا آهيون، هوش تڏهن ايندو آهي جڏهن ڏاڍي دير ٿي چُڪي هوندي آهي ۽ دير ٿي وڃڻ کانپوءِ افسوس ۽ پڇتاءُ کان سواءِ ڪجھه به حاصل ناهي ٿيندو.
وبا جي هنن ڏينهن ۾ جتي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي اُتي نوان تجربا ۽ نوان سبق به مليا آهن، زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کي سمجهڻ جا وڌيڪ موقعا به مليا آهن.
ننڍين ننڍين ڳالهين جي ڪري اسان ڇا ڇا وڃايون ٿا، هنن ڏينهن ۾ ان جو احساس شدت سان محسوس ٿيو آهي. مختصر زندگي ۾ اسان ڪهڙيون ڪهڙيون نفرتون پاليون ٿا، زندگي ته انسان کي پنهنجن خوابن کي ساڀيان ڪرڻ جو وقت به نه ٿي ڏئي ته اسين پنهنجي خوبصورت ۽ قيمتي وقت کي نفرتن، سازشن، مفادن، ٻيائي، ڪوڙين انائن ۽ ٻين کي تڪليف ڏيڻ ۾ ضايع ڪري ڪيترو وڏو نقصان ڪيون ٿا!! ڇا ٿو ملي سواءِ انا کي گهڙي پل جي تسڪين جي يا وقتي فائدي جي!؟
زندگي ڪيتري آهي؟ آخري وقت ۾ ماڻهوءَ وٽ سواءِ پڇتاءُ جي ڪجھه به نه هجي ته زندگيءَ جي سموري حاصلات ڪهڙي ڪم جي آهي؟ وبا جو شڪار ٿيندڙ جيڪي ماڻهو زندگيءَ ڏانهن موٽي آيا آهن اهي ڄڻ ته گهري ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيا آهن، انهن جا زندگيءَ ڏانهن رويا ئي تبديل ٿي ويا آهن. هنن وٽ زندگيءَ جهڙي نعمت جي قدر ۽ قيمت جو احساس وڌيو آهي، اهڙن ماڻهن مان اڪثريت جو چوڻ آهي ته زندگيءَ جو مقصد صرف ۽ صرف انسان جي ڀلائي ۽ ٻين جي ڪم اچڻ آهي، باقي سڀئي ڳالهيون اجايون آهن.
وقتي فائدن بجائي ضمير جو مطمئن  هئڻ وڌيڪ قيمتي آهي، زندگيءَ ۾ گهڻو نه، صرف ايترو ڪيو جو پڇتاءُ جي گنجائش نه هجي. زندگي هر انسان کي لاتعداد موقعا ڏيندي آهي، اهو اسان جي عقل ۽ فهم تي ڇڏيل آهي ته انهن موقعن کي ڪيئن ٿا استعمال ڪريون. چڱائيءَ جو رستو ڪجھه ڏکيو ضرور آهي پر ان رستي تي هلڻ سان جيڪا سگھه ۽ اطمينان ملي ٿو ان جو ڪو جواب ناهي.
ٽئگور جي اها ڳالھه ڏاڍي اُتساهيندڙ آهي ته “ماڻهو نفرتن لاءِ وقت ڪيئن ڪڍندا آهن، جڏھن ته زندگي ڏاڍي مختصر آهي ۽ صرف پيار ڪرڻ لاءِ آهي” زندگي حقيقت ۾ پيار، پنهنجائپ، چڱائي، قرباني، ايثار، ثابت قدمي ۽ انسان دوستي جو نالو آهي، اها ڪهڙي زندگي هوندي جنهن ۾ اهو سڀ ڪجھه نه هجي!؟
پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ جي سگھه هجي ته زندگيءَ جي حقيقتن کي سمجهڻ ڪو ڏُکيو ڪم ناهي ۽ اسان زندگيءَ جي حقيقتن کي سمجهي ورتو ته سڦلتا ۽ ڪاميابي يقيني آهي.
سڀاڻي اچي نه اچي، اڄ جا معاملا اڄ ئي اُڪلائجن ته بهتر آهي. توهان جي ننڍڙي چڱائي توهان لاءِ وڏي اطمينان جو سبب بڻجي سگهي ٿي ساڳئي وقت توهان جي ننڍڙي ٻيائي توهان لاءِ وڏي پڇتاءُ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
هر ماڻهوءَ وٽ ڪاميابي ۽ حاصلات جا معيار الڳ آهن پر حقيقت ۾ ڪامياب زندگي اها آهي جنهن ۾ انسان دوستي ۽ نيڪ نيتي آهي. وقت سڀني جو گذري وڃي ٿو پر ياد اُهي رهن ٿا جن پنهنجي زندگيءَ ۾ انسان دوستي کي اهميت ڏني ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
جيڪڏهن انسان جو ڪردار صحيح ناهي ته ان جو علم به ڪنهن ڪم جو ناهي، ڪردار بنيادي شيءَ آهي جيڪا انسان کي بهتر يا بدتر بڻائي ٿي، تڏهن ئي ته مهاتما گانڌي چيو هو ته “سُٺي ڪردار کان سواءِ علم ڪيترو به هُجي، اهو بُرائي بڻجي ويندو”. حقيقتون اسان جي سامهون آهن، اسان جي بظاھر پڙهيل لکيل ماڻهن جي گهڻائي سماج جي تباهيءَ جو سبب بڻيل آهي. باڪردار ماڻهو پنهنجي علم ۽ عقل کي انسانيت ۽ سماج جي ڀلي لاءِ استعمال ڪندو جڏهن ته بد ڪردار ماڻهو پنهنجي علم ۽ عقل کي انسان دشمني ۽ بدنيتي ذريعي پنهنجن مفادن لاءِ استعمال ڪندو. 
مٿئين حقيقت جي تناظر ۾  پرک ڪرڻ آسان آهي ته اسان جو ٻين انسانن ۽ سماج ڏانهن ڪهڙو ڪردار آهي ۽ اسين پنهنجي زندگيءَ جي سفر لاءِ ڪهڙي رستي جي چونڊ ڪئي آهي؟