1_ انڊس بيسن ٽريٽي وارو 1960ع وارو معاهدو:
صوبن وچ ۾ پاڻي جو جھيڙو انگريزن جي وقت کان هلي ٿو. ٻنهي هنڌن تي انگريز چيف انجنيئر هوندا هئا، پوءِ به انهن جو پاڻي جي ورهاست تي اتفاق راءِ نه هو. اهو معاملو انگريزن جي حڪومت هلڻ تائين هليو پر 1960ع ۾ انڊس بيسن ٽريٽي معاهدو ٿيو. جنهن ۾ ان وقت جي پاڪستاني جنرل ايوب خان، هندستان جي پنڊت جواهر لعل نهرو، عالمي عدالت جي هڪ نمائندي ڪراچي ۾ صحيحون ڪيون ۽ معاهدو فائنل ٿي ويو. انهيءَ معاهدي ۾ جواهر لعل نهرو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ستلج بياس ۽ راوي درياهن جو پاڻي پنجاب کي ڏيندڙ واهن مان بند ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسان ڊيمن جي حوالي ٿياسون. جيتوڻيڪ ڊيمن جي تاريخ اِها آهي ته اُهي انهي ڏينهن کان لٽجڻ شروع ٿين ٿا جڏهن اهي هلايا وڃن ٿا. تربيلا ڊيم به لٽجي ويو، جيتوڻيڪ ان جي لٽجڻ جي رفتار گھٽ آهي. منگلا ڊيم به لٽجي پيو، جيتوڻيڪ ان جي رفتار به گھٽ آهي. پر سوچيو ته جڏهن ٻئي ڊيم لٽجي ويا ته صوبن کي پاڻي ڪٿان ايندو؟ اِها ئي ڳالهه آهي جوهندستان جا پاڻي ماهر اسان جي پاڻي ماهرن کان کٽي ويا. اسان کي ڊيمن جي حوالي ڪيائون ۽ پاڻ دريائن جي وهڪرن تي رهيا. جن مان معاهدي ۾ کوڙ ساري شقون آهن، جيڪي پاڪستان جي خلاف آهن. ڇا اسان وٽ ٻيو آپشن ڪونه هو؟ اسان جي پاڻي ماهرن کي ٻين آپشنز تي زور ڏيڻ کپندو هو، ته جيئن پاڪستان جو پاڻي رڳو ڊيمن تي مدار نه رکي ها. ٻيا آپشن به هجڻ کپندا هئا ته جيئن پاڪستان جو پاڻي محفوظ ٿي سگھي ها.
1991.2ع وارو پاڻي معاهدو:
انهي معاهدي ۾ ڪيتريون ڳالهيون آهن، جيڪي اسان جي خلاف آهن.آئون انهن جو ذڪر هيٺ ڪيان ٿو.
1.منگلا ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪيو وڃي ٿو، جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هوندي آهي.
2. چشما جهلم ۽ تونسا_ پنجند لنڪ هلايا وڃن ٿا جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هوندي آهي.
3. خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان صوبن کي کوٽ کان آجو رکيو وڃي ٿو.
4. صوبن ۾ پاڻي ورهاست صحيح نٿي ٿئي.
3_ هڪڙو وقت ايندو جڏهن منگلا ڊيم ۽ تربيلا ڊيم سڄا لٽجي ويندا. پوءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟
ظاهر آهي ته اُنهيءَ وقت پاڻي بچايو ويندو، اهو ننڍن واهن ۽ واٽرن کي پڪو ڪرڻ سان يا زمين کي ليول ڪري اُتان پاڻي بچائڻ ذريعي، وري انهيءَ تي سڄو خرچ سنڌ سرڪار کي ڪرڻو پوندو ۽ هي هڪ ڊگھي مدي وارو ڪم هوندو. جنهن ۾ 50 کان 60 سال لڳي ويندا.
ٻئي پاسي تربيلا ڊيم کان مٿي ديا مير ڀاشا ڊيم ٺاهڻو پوندو ، جنهن تي وفاق طرفان ڪم هلي پيو ۽ سڄو واچ وفاق ڪري ٿو يا ڪندو، انهيءَ تي سڀني صوبن جو اتفاق آهي ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ وارن ان جي منظوري ڏني آهي. منهنجي خيال ۾ صوبن ۾ پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ديا مير ڀاشا ڊيم ٺاهڻ کان سواءِ ٻيو آپشن ڪونهي.
4. موسمي ڦير گھير جو اثر:
گرمي پد گھٽ وڌ ٿيڻ جي نتيجي ۾ موسمي ڦير گھير ۾ تبديلي اچي ٿي. ڪڏهن مينهن نٿا پون ۽ ڪڏهن ايترا وڌيڪ پون ٿا جو اسان وٽ ٻوڏون اچن ٿيون.
وري جبلن تي پيل برف گرمي پد گھٽ هجڻ ڪري نٿي رجي ۽ ملڪ ۾ سوڪهڙي جهڙي صورتحال ٿي وڃي ٿي، انهيءَ صورتحال ۾ جيڪڏهن مِينهن گھٽ ٿا پون يا گرمي پد گھٽ هجڻ ڪري جبلن تي پيل برف نٿي رِجي ته ان صورتحال ۾ جيڪڏهن منگلا ڊيم ۽ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي گھٽ اچي ٿو ته پوءِ ڊيم ته نه ڀربا. ڊيمن ۾ گھٽ پاڻي ڀرجڻ ڪري اهي خالي رهندا ۽ آبپاشي نظام کي پاڻي نه ڏئي سگھندا. هونئن به آخرڪار ڊيم لٽجي ويندا ۽ آبپاشي لاءِ پاڻي نه ڏئي سگھندا. انهيءَ صورتحال ۾ آبپاشي لاءِ پاڻي ڪيئن ڏئي سگھندا؟ معنيٰ پوءِ سنڌ ۾ پاڻي ڪيئن ايندو؟ ظاهر آهي ته انهيءَ جو حل اِهو آهي ته تربيلا ڊيم کان مٿي ديا مير ڀاشا ڊيم ٺاهجي، جي اهو نه ٺاهينداسين ته سنڌ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟
5. ڊيم بابت عاطف ملاح جي لکيل مضمون جا اعتراض: (پنهنجي اخبار 2021-03-28).
منهنجو عرض اِهو آهي ته جيڪڏهن ديا مير ڀاشا ڊيم نٿو ٺاهيو وڃي ته اسان وٽ ٻيو آپشن ڇا آهي؟ انهيءَ بابت ليکڪ ڪجھه نٿو ٻڌائي. سائنسي بنيادن تي ڳالهه ٻولهه بنا رڳو ڊيمن جا نقصان ٻڌايا وڃن ٿا. پر ٻئي آپشن جي باري ۾ ڪجھه نٿو ٻڌايو وڃي. منهنجي خيال م موجوده صورتن ۾ اسان وٽ ديا مير ڀاشا ڊيم ٺاهڻ کان سواءِ ٻيو آپشن ڪونهي.