هڪ-بهتر-سنڌ-جي-اڏاوت-جو-موقعو

1973 ع ۾ جڏهن ڀٽي صاحب ڪوٽا سسٽم کي آئيني تحفظ ڏنو ان وقت سنڌين جي ملڪي ڪاروهنوار ۾ نمائندگي نالي ماتر هئي. ون يونٽ اڃان تازو ئي ختم ٿيو هو. اهو سڄو عرصو سنڌي مکيه قومي ڌارا کان ٻاهر رکيا ويا هئا، اهو ئي سبب آهي جو 1973ع ۾ سنڌ ٻهراڙي جو جنرل ايڊمنسٽريشن ۾ حصو 3.1 سيڪڙو۽ سينئر سول سروسز ۾ 2.7 سيڪڙو هو. ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته سنڌي ڳالهائيندڙ سرڪاري توڙي خانگي شعبي ۾ نالي ماتر هئا ۽ سندن وڏي اڪثريت ٻني ٻاري چوپائي مال جهڙن معاشي وسيلن سان سلهاڙيل هئي. ان پسمنطر ۾ جڏهن ڪوٽا سسٽم وسيلي سنڌين لاءِ سرڪاري نوڪرين جا دروازا کليا ته ڏهن ورهين اندر انهن ٻنهي شعبن ۾ سنڌ ٻهراڙي جي نمائندگي ٻيڻي ٿي وئي. ان سڄي عمل ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ سرڪاري نوڪري ڪيريئر جي اوليت بڻجي وئي، جيڪي گهڻو ذهين هئا انهن جي ڪوشش ڪميشن جي امتحان پاس ڪرڻ هوندي هئي ۽ باقي ماستري، ڪلارڪي ۾ به راضي هوندا هئا پر سرڪاري نوڪري هر ننڍي وڏي جي خواهش ۽ خواب بڻجي وئي.
ڀٽي صاحب جي حڪومت دوران سرڪاري ڪارپوريشنز جي به اوسر ٿي. هن جيئن ته ننڍي وڏي صنعت ۽ روزگار جي ٻنهي خانگي ذريعن کي به سرڪاري شعبي ۾ آندو تنهنڪري سرڪاري شعبي اندر ڪارپوريشنز به کليون. ڀٽي صاحب جي دور کان پوءِ ضياءَ الحق جي دور ۾ به ڪوٽا سسٽم جاري رهيو، نوي جي ڏهاڪي ۾ آءِ ايف ايم جي اسٽرڪچرل ايڊجسٽمينٽ پروگرام هيٺ خانگي شعبي کي وڌيڪ هٿي ملي. ڪيترائي سرڪاري ادارا خانگي شعبي ۾ هليا ويا، هوريان هوريان روزگار جو مرڪز سرڪاري شعبي کان خانگي شعبي ڏانهن منتقل ٿيڻ شروع ٿيو، سرڪاري شعبي تان ملازمن جو بار گهٽائڻ لاءِ سرڪاري نوڪرين تي بندش لاڳو ٿيڻ شروع ٿي وئي. انهن ٽيهن ورهين دوران خانگي شعبي ۾ نوڪريون وڌيڪ پيدا ٿيڻ لڳيون ، 2008ع ۾ اشيائي ترقياتي بئنڪ جي خانگي شعبي بابت هڪ رپورٽ!
“Private sector assessment ” شايع ٿي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته خانگي شعبي اندر رسمي ادارن اندر 70 لک نوڪريون هيون جڏهن ته غير رسمي شعبن جهڙوڪ زراعت وغيره ۾ ساڍا ارڙهن لک ماڻهو روزگار سان هئا پڪ سان اصل انگ ان کان به گهڻو وڌيڪ هوندا.
جيئن ته ڪوٽا سسٽم کان پوءِ سنڌين ۾ سرڪاري نوڪري جو لاڙ سگهارو ٿيو تيئن سنڌ اندر شهري آبادي خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ شروع کان خانگي شعبي ڏانهن لاڙو وڌيڪ رهيو. ڪراچي اندر جيئن ته مينوفيڪچرنگ ، ٽيڪسٽائيل، فارماسوٽيڪل، هيوي انجنيئرنگ، ٽيليڪميونيڪشن، بئنڪنگ،انشورنس، ايڊورٽائيزمينٽ،شپنگ ۽ ٻين شعبن جا تمام گهڻا ادارا هئا تنهنڪري شهر جي يونيورسٽين جا گريجوئيٽس گهڻي ڀاڱي انهن شعبن ڏانهن لاڙو رکندا هئا. ساڳي وقت ٽرانسپورٽ، اسٽريٽ بزنس ۽ گهريلو ننڍي صعنت ڏانهن به گهڻو لاڙو رهيو، خاص ڪري شهري نوجوانن ۾ گهٽ پڙهيل وري فني نوعيت جي سکيا وارن هنرن جهڙوڪ اليڪٽريشن ، فٽر ،ويلڊر، پلمبر، ورڪشاپ مستري، اڏاوتي ورڪر وغيره ٿيڻ لڳا، ملطب ته خانگي شعبي ۾ شهري نوجوان وڌيڪ سرگرم رهيا ۽ ٻهراڙين جي سنڌي ڳالهائيندڙ نوجوانن جو گهڻو لاڙو سرڪاري شعبي ڏانهن رهيو. انهن ٻنهي شعبن جي سڀاءَ ۾ تمام گهڻو فرق آهي، جنهن شهرن ۽ ٻهراڙين جي مخصوص سماجي ڍانچي کي به شڪل ڏني. مثال طور سرڪاري نوڪري ۾ رهندڙ سنڌي نوجوان صاف سٿرا ڪپڙا پائڻ، ڏيک ويک تي زور ڏيڻ، گهنٽي وڄائي خدمت طلب ڪرڻ، ڪرسي ۽ ٽيبل جو ڪم ڪرڻ، گهر ويجهو نوڪري ڪرڻ واري عادت سگهاري ٿي. ان جي ابتڙ شهرن اندر خانگي شعبي جي تيزرفتار زندگي ۾ ڏينهن رات جي ڊوڙڊڪ، وڌيڪ جاکوڙ روز اهليت سان چٽاڀٽي ڪرڻ، نوان هنر سکڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ جو لاڙو وڌيڪ سگهارو ٿيو.
ان سڄي صورتحال ۾ گذريل ويهن ٽيهن ورهين دوران تمام وڏي تبديلي اچي چڪي آهي. هاڻي سرڪاري شعبي اندر نالي ماتر نوڪريون اچن ٿيون. سنڌ جي پنج ڪروڙ آبادي تي رڳو ٻه سيڪڙو آبادي واڌ لاڳو ڪجي ته به هر سال ڏهه لک نوجوان روزگار جي ڳولا ۾ داخل ٿي رهيا هوندا. ان جي ڀيٽ ۾ سرڪاري شعبي اندر هاڻي اڌ لک نوڪريون به هر سال نه ٿيون اچن. انهن ۾به سترهين گريڊ کان مٿي واريون نوڪريون ته ڪجهه سون ۾ مس اينديون. گهر جا ٽپڙ وڪڻي سرڪاري ڪارندن کي ٻه ٽي لک ڏئي نوڪري وٺڻ وارا موقعا به محدود ٿي رهيا آهن.
ان نئين حقيقت کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌي نوجوانن وٽ خانگي شعبي ڏانهن منهن ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو ناهي. البته جيئن ته ڏهاڪن تائين اسان ان شعبي کان الڳ رهيا آهيون، تنهنڪري اتي اهم عهدن تي پهچڻ لاءِ جنهن تجربي ۽ قابليت جي گهرج آهي ان ۾ اسان ڌڪ کائي ٿا وڃون. جڏهن سنڌ ۾ خانگي شعبي جي رٿائن ۾ سنڌين کي اهم عهدن تي گهٽ ٿا ڏسون ته ڀلي کڻي ان جي پٺيان هڪ حد تائين تعصب جي به دعويٰ ڪيون پر حقيقت اها آهي ته ان شعبي کان ڏهاڪن تائين پاسيرو رهڻ به ان جو هڪ ڪارڻ آهي. وڏن خانگي ادارن ۾سينئر مئنجمينٽ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي گهٽ هجڻ جو اهم ڪارڻ اهو ئي آهي. خانگي شعبي ۾ رڳو ڊگري جي آڌار سڌوسنئون وڏي عهدي تي پهچ نه ٿي ملي، ان لاءِ ڊگري هڪ محدود ڪردار ادا ڪري ٿي، اصل اهميت لاڳاپيل انتظامي شعبي ۾ تجربي ۽ گذريل ڪارڪردگي جي هوندي آهي. خانگي شعبو ڪنهن چٽا ڀيٽي وارو امتحان پاس ڪرڻ تي سڌو اهم عهدي تي مقرري ناهي ڪندو ان کي تجربي جي گهرج هوندي آهي.
هاڻي جڏهن هوريان هوريان سنڌي نوجوانن ان شعبي ۾ پير رکڻ شروع ڪيو آهي ته کين اهو اندازو ٿي رهيو آهي ته يونيورسٽي مان ڀلي ڪير پهرين پوزيشن کڻي نڪتو هجي پر ان کي جيڪڏهن خانگي شعبي ۾ نوڪري ملي وئي ته ان کي ممڪن آهي ته پاڻ کان گھٽ پڙهيل جي ماتحتي ۾ به ڪم ڪرڻو پئي. ان شعبي اندر ڊگري ۽ نوڪري جو مطلب اٿندي ئي آفيس پٽيوالو گاڏي ملڻ ناهي. اتي ننڍي کان ننڍو ڪم به پاڻ ڪرڻو پوندو ڪو به ٽائيپسٽ يا ڪمپيوٽر آپريٽر نه ملندو، چانهن به بجلي واري ڪٽلي سان پاڻ ٺاهڻي پوندي. وچ آفيس ۾ رکيل فوٽو اسٽيٽ مشين مان فوٽو اسٽيٽ به پاڻ ڪرڻي پوندي ۽ ماني مهل پنهنجي پليٽ کڻي قطار ۾ بيهڻو پوندو. ساڳي طرح انجنيئرنگ جي ڊگري رکندڙ کي شروع ۾ ٽيڪنيشن ۽ مڪينڪ وارا ڪم به ڪرڻا پوندا، جنهن ۾ هٿ ۽ڪپڙا ڪارا به ٿيندا. اهو روايتي سرڪاري نوڪري کان بنهه مختلف مزاج ۽ جاکوڙ جو جهان آهي. خانگي شعبي ۾ روزانو جي بنياد تي پنهنجي اهليت مڃائڻي پوندي آهي ۽ ڪم جي مقدار بجاءِ ڪم جي معيار ۽ نتيجن تي پرک ٿيندي .
ان شعبي اندر اهو ڪافي ناهي ته اوهان پنهنجي حصي جو ڪم ڪندا هجو، اتي چٽاڀيٽي ۾ اڳيان اهو وڌندو جيڪو پنهنجي ڪم کان واڌو ذميواريون به ادا ڪرڻ لاءِ تيار هجي. ان سان گڏ روزانو جي بنياد تي نئين ڄاڻ ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. خانگي شعبي ۾ ڪير گهڻو وقت اوهان کي تعصب جو نشانو نه بنائي سگهندو ڇو ته اتي هر ڪنهن کي ڪم ۽ نتيجا گهرجن. ساڳي طرح ڪير اوهان کي ذات، رنگ، نسل يا ٻي ڪنهن سڃاڻپ هيٺ گهڻو وقت فائدو به نه ڏئي سگهندو. جتي ان شعبي اندر ايڏي سخت چٽاڀيٽي آهي اتي ڪيريئر جا فائدا به انيڪ آهن، جنهن سرڪاري نوڪري ۾ اسان جا نوجوان رٽائرمينٽ کان پوءِ پينشن جي ڇڪ ۾ ويندا هئا، ان سڄي پينشن جيتري ڪمائي خانگي شعبي جا سينئر ماڻهو ٻن ٽن سالن ۾ يا ان کان به گهٽ وقت ۾ ڪمائي ٿا وٺن. خانگي شعبي اندر ويجهڙ وارن ورهين ۾ هڪ بنيادي اهليت انفرميشن ٽيڪنالاجي جي شڪل ۾ اڀري آهي. هاڻي ڊگري سان گڏ اعليٰ درجي جي آءِ ٽي واري مهارت لازمي ٿي وئي آهي. هاڻي مارڪيٽ جو ڪو به شعبو اهڙو ناهي جنهن ۾ سافٽ ويئر جو استعمال نه ٿيندو هجي. هر شعبي جا پنهنجا مخصوص سافٽ ويئر آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪنهن اميدوار کي پنهنجي شعبي جي ڊگري ۽ ڄاڻ سان همعصر دور جا سافٽ ويئر نه ٿا اچن ته اهو ڄڻ ته اڻ پڙهيل آهي. سافٽ ويئر سان گڏ هر شعبي ۾ نوان شارٽ ڪورسز به ايندا رهن ٿا، جيڪي ڪيريئر جي هر مرحلي تي سکڻ لازمي آهي، نه ته خانگي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ ممڪن آهي. جيئن جيئن معيشت جا عالمي بنياد بدلجي رهيا آهن ۽ مارڪيٽ جون تقاضائون ڏينهون ڏينهن بدلجي رهيون آهن ان ۾ خانگي شعبي کان الڳ رهي ڪا به قوم ترقي نه ڪري سگهندي. سنڌ جي تعليمي ادارن کي پنهنجي طريقن کي انهن نين گهرجن سان سلهاڙڻو پوندو. سنڌي نوجوانن کي هاڻي ان دور جي نئين تقاضائن لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻو پوندو ، اوطاق ۽ چٺي تي پيسا ڏوڪڙ ڏئي نوڪري ڳولڻ وارو دور پوين پساهن ۾ آهي تنهن ڪري ان نئين جهان لاءِ تياري ڪرڻ جي ضرورت آهي.