سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ فوٽو گرافر شهيد ڪرائڻ ۽ ڪيترائي اهلڪار زخمي ڪرائڻ کانپوءِ آخرڪار ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ فوج ۽ رينجرس جي مدد طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪچي جون حالتون گهڻي وقت کان اهڙا اشارا ڏئي رهيون هيون ته صورتحال هٿن مان نڪري سگهي ٿي پر حڪومت ۽ پوليس انتظاميا جي رويئي کي ڏسي لڳي ايئن رهيو هو ڄڻ کين پرواهه ناهي يا هو ڪا ڪارروائي ڪرڻ کان مجبور هجن.زناني آواز تي هرکجي اغوا جون وارداتون وڌي رهيون هيون،اوچتو اوچتو قبائلي جهيڙن ڪر کڻڻ شروع ڪيو هو ۽ بدامني ۾ واڌ ٿي رهي هئي ۽ اهي سڀ پيرا انهي علائقن ڏانهن وڃي رهيا هئا جنهن کي ڪچو چيو ويندو آهي.
سنڌ جو ڪچو جيڪو درياءَ جي چاڙهه ۽ ريٽ تي چيٽ ۽ ٻيا فصل ٿيڻ جي حوالي سان مشهو رهيو آهي اهو ويجهي ماضي ۽ هاڻي هٿياربندن جي آمجگاهه يا نرسري طور بدنام ٿي رهيو آهي، انهي ڪچي ۾ هر قسم جا ڏوهاري ۽ هٿيار پهچي وڃن ٿا۽ انهن ڏوهارين جي سرپرستي اتان جا سردار ، ڪي طاقتور ڌريون ۽ پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون ڪري رهيون آهن نه ته ممڪن ئي ناهي جنهن علائقي ۾ ڪنهن گاڏي جو گذرڻ مشڪل هجي اتي اهي جنگي هٿيار پهچي وڃن. اهو سڀ ڪجهه قانون جي ڪمزوري ۽ سردارن يا طاقتور ڌرين تي ڀاڙڻ جو نتيجو آهي.ڪيترن ڏينهن کان وٺي اغوا جي وارداتن ۽ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ قانون حرڪت ۾ اچڻ بجاءِ اتان جي مقامي بااثرن کان مدد ورتي ويندي رهي آهي اهو سڀڪجهه انهي ڪري ٿي رهيو آهي جو پوليس جو سياسي ،سرداري ۽ طاقتور ڌرين ذريعي استعمال وڌي ويو آهي. پوليس آفيسر قانون تي عمل ڪرڻ بدران سردارن ،طاقتور ڌرين ۽ وڏيرن جا ونگارو بڻجي ڪم ڪن ٿا ۽ سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به پوليس جي چين آف ڪمانڊ نظر نه ٿي اچي جنهن ضلعي ۾ جيڪو طاقتور آهي اتي انهي جي مرضي سان پوليس آفيسر مقرر ٿيندو ۽ انهي طاقتور جي مرضي تي اهو وري هيٺين سطح جي آفيسرن جون مقرريون بدليون ڪندو رهندو. اهو ڪو هاڻي راز نه رهيو آهي ته ڪيترائي ايس ايس پيز ته مٿي سطح جي آفيسرن جي به ڪاڻ نه ٿا ڪڍن يا ته انهن کي سياسي آشيرواد حاصل هوندو آهي يا وري ٻيون ڪي طاقتور ڌريون انهن جون سرپرستي ڪري پنهنجا ڪم وٺنديون آهن. ٻه ڏينهن اڳ شڪارپور جي ڪچي ۾ ٿيل ناڪام پوليس آپريشن ان جو مثال آهي جو ٻن مغوين جي بازيابي لاءِ ويل پوليس پنهنجا ٻه جوان هڪ خانگي فوٽو گرافر شهيد ڪرائي موٽي ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ انهن زخمين کي به واپس ورائڻ لاءِ پوليس کي انهن بااثر ماڻهن جو سهارو وٺڻو پيو جيڪي انهن ڪچي جي ڏوهارين تي اثررسوخ رکن ٿا.توڙي جو پوليس 8 ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي پر انهن جا اڃان تائين ڪي تفصيل جاري نه ڪري سگهي آهي. اهو ناڪام پوليس آپريشن مثال آهي ته پوليس ۾ ڪيئن ڪاريون رڍون موجود آهن جڏهن پوليس آپريشن ڪرڻ لاءِ پهتي ته اطلاع مطابق ان کي چئني پاسن کان ڌاڙيل گهيرو ڪري ويا، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڌاڙيلن کي آپريشن جو اڳوٽ اطلاع ملي چڪو هو. انهي سڄي معاملي ۾ سنڌ حڪومت ۽ پوليس جي اعلي ٰ ڪماني جي خاموشي به سواليا نشان آهي اهو رڳو هڪڙي ضلعي جي پوليس جو معاملو نه هو جو رڳو ان کي انهي جي آسري ڇڏيو ويو، جڏهن اهو آپريشن ضروري ٿي پيو هو ته ان جي مٿئين سطح تي تياري ڪرڻ گهرجي ها، ان جي نقصان جي انديشي کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ها،پراڻن هٿيارن جي سهاري هلندڙ پوليس کي اهڙن ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ موڪليو ويو جن وٽ جنگي جهاز ڪيرائڻ وارا هٿيار راڪيٽ لانچر ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گنون موجود هيون، انهن سان پوليس وارا عام بندوق ۽ رائيفل سان ڪهڙو مقابلو ڪري سگهن ها؟ اهي سڀ سوال آهن جيڪي جواب گهرن ٿا.اسين شهيد ٿيل اهلڪارن جي جذبي کي سلام ڪيون ٿا پر اهڙي ناڪاره حڪمت عملي ٺاهيندڙن کان ضرور پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.
اسان سمجهون ٿا ته فوج ۽ رينجرس جي مدد سان ڪچي ۾ آپريشن بهتر فيصلو آهي پر انهي آپريشن جو مقصد رڳو عارضي امن حاصل ڪرڻ نه هئڻ گهرجي پوليس ۽ سنڌ حڪومت کي اها حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته انهي ناسور مان ڪيئن مستقل جان ڇڏائجي ان لاءِ پوليس مان سياسي ،سرداري ۽ طاقتور ڌرين جو اثر رسوخ ختم ڪرڻو پوندو ۽ فيصلو ڪرڻو پوندو ته پوليس ڪنهن جي ونگارو فورس ٿيڻ بدران هر حال ۾ قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ جي پابند هوندي جڏهن اهو فيصلو ڪيو ويو ته اڳتي ڪنهن آپريشن لاءِ شايد ئي فوج يا رينجرس جي ضرورت پوي ۽ ٻيو ته انهي معاملي جي به جاچ ڪرڻ گهرجي ته اهڙا هٿيار آخر ڪچي تائين پهچن ڪيئن ٿا، انهن جي رستا روڪ ڪرڻ کانسواءِ ڏوهارين جي نرسري ختم ڪرڻ ممڪن نه هوندو.