قرض واپس ڪرڻ کان بچڻ لاءِ عورت پنهنجي ئي موت جو ڊرامو رچائي ورتو

0
428
قرض واپس ڪرڻ کان بچڻ لاءِ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قرض واپس نه ڪرڻ تي ماڻهو ڪيترائي بهانا ڪندا آهن، ڪڏهن چوندا آهن ته وٽس پئسا ناهن، ڪڏهن تاريخن تي تاريخون ڏيندا رهندا آهن، پر تازو ئي هڪ واقعو پيش آيو، جتي هڪ عورت حد ئي پاري ڪري ڇڏي

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب انڊونيشيا جي ليزا نالي عورت ڪميٽي جي نالي تي 364 ڊالر قرض ورتو هو، جنهن جي رقم ادا ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، پر هوءَ مقرر تاريخ تي رقم جو بندوبست نه ڪري سگهي، جنهن کانپوءِ هن پهريان قرض جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي، جنهن کانپوءِ گروپ جي ميمبرن کيس 6 ڊسمبر تائين وڌيڪ وقت ڏنو

جيئن قرض واپس ڪرڻ جو وقت ويجهو آيو، عورت جي پٽ فيس بوڪ تي سندس المناڪ موت جو اعلان ڪيو ۽ سندس ڪفن ۾ ويڙهيل لاش جون تصويرون شيئر ڪيون، ليزا جي پٽ فيس بڪ تي پنهنجي ماءُ جي لاش جون تصويرون شيئر ڪيون ۽ لکيو ته هوءَ هڪ افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي وئي آهي

ڪميٽي گروپ جا ميمبر ليزا جي موت جي خبر ٻڌي غمگين ٿي ويا، پر پوءِ شڪ ۾ پئجي ويا ته تدفين واري جاءِ  جو سندس پٽ اعلان ڪيو هو ته سندن گهر کان پري هئي

معاملي جي جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هنن رقم واپس نه ڪرڻ لاءِ ڊرامو رچايو هو

هي به پڙهندا

قتل ڪيس ۾ گهربل ڏوهاري روپ مٽائي يوگا جو استاد بڻجي ويو