صحت کاتي سنڌ ۾ تازو ڀرتي ٿيل ڊاڪٽر بسما حسن جو ڊوميسائيل جعلي نڪتو

0
525

ڪراچي:صحت کاتي سنڌ ۾ تازو ڀرتي ٿيل ارڙهين گريڊ جي آفيسر ڊاڪٽر بسما حسن جو ڊوميسائيل جعلي نڪتو آهي

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ڊاڪٽر بسما حسن ملير ضلعي جي ڊوميسائيل تي 18 هين گريڊ جي ملازمت حاصل ڪئي هئي

اي جي آفيس پاران لکيل خط جي جواب ۾ ڊي سي ملير ڊوميسائيل کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي

ڊي سي ملير جوابي خط ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر بسما جو شناختي ڪارڊ ڪوڊ به سنڌ صوبي جو نه آهي، صحت کاتي جعلي ڊوميسائيل جي تصديق باوجود ڊاڪٽر بسما کي دمبا ڳوٺ جي اسپتال ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

ثقافت کاتي جي ملازمه جو ڊوميسائل جعلي هجڻ جو انڪشاف