ثقافت کاتي جي ملازمه جو ڊوميسائل جعلي هجڻ جو انڪشاف

0
260
ثقافت کاتي جي ملازمه جو ڊوميسائل جعلي هجڻ جو انڪشاف
ثقافت کاتي جي ملازمه جو ڊوميسائل جعلي هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽ:فقير سليم) سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ آثار قديمه (نوادرات) واري کاتي ۾ گذريل 9 سالن کان ملازمت ڪندڙ زاهده قادري جو ڊومسائل جعلي هجڻ جو انڪشاف، سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نواردات واري کاتي ۾ گذريل 9 سالن کان اينٽي ڪوئٽي اسٽنٽ طور ملازمت ڪندڙ 15هين گريڊ جي ملازمه زاهده قادري کي کاتي پاران 16هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ وقت ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ دوران سندس ڊوميسائل جعلي هجڻ جي شڪ تي  تصديق لاءِ ڊي سي ڏکڻ کي موڪليو ويو،  اي ڊي سي ون جاچ پڙتال بعد زاهده ڌيءِ مصطفيٰ ميان قادري جي ڊوميسائل نمبر 938/2012  کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو ،

اي ڊي سي  جي اهڙي رپورٽ پنهنجي اخبار کي ملڻ بعد سنڌ جي ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عبدالرحيم سومرو کي ڪال ڪري سندس موقف معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن ٻڌايو ته هو هن وقت گاڏي هلائي رهيو آهي، بعد ۾ ڪال ڪندو پر پوءِ هن ڪو رابطو نه ڪيو، ٻئي طرف آثار قديمه واري کاتي جي ڊي جي منظور ڪناسرو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پروموشن واري ڪاميٽي ۾ مختلف کاتن جا آفيسر شامل هئا، جن جاچ پڙتال بعد زاهده جو پروموشن ڪيو آهي، جڏهن ته زاهده قادري جي جعلي ڊوميسائل واري ڳالهه کاتي جي ملازمن جي اندروني اختلافن سبب ظاهر ٿي آهي

ھي به پڙھندا

 

ملير: شمن علي ميرالي جي ڀاڻج بابر ميرالي جي قتل جو فيصلو