دادو ۾ سس ۽ ننهن جو جهيڙو روڊ تي اچي ويو، عائشه پلهه ۽ سندس ڌيئرن پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

0
218

دادو (رپورٽر) دادو ۾ سس ۽ ننهن جو جهيڙو روڊ تي اچي ويو، ڀٽي ڪالوني جي رهواسڻ عائشه پلهه ۽ سندس ڌيئرن پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس وارن کين روڪي ورتو

ان موقعي تي دانهيندي عائشه پلهه چيو ته نُنهن ڪلثوم جيئڻ عذاب بڻائي ڇڏيو آهي، ڪلثوم گهر مان 3 لک روپيا کڻي ڀائرن کي ڏنا

ڪلثوم جي سس عائشه جو چوڻ هو ته هاڻي ڪوڙيون شڪايتون ڪري پوليس کان تنگ پئي ڪرائي، گذريل ڏينهن عائشه پلهه جي ننهن ڪلثوم به پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪندي سس ۽ ٻين تي سنگين الزام هنيا هئا

هي به پڙهندا

دادو ۾ ناري پاران معصوم ٻارڙَي سميت پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش