قتل ڪيس ۾ گهربل ڏوهاري روپ مٽائي يوگا جو استاد بڻجي ويو

0
678

ميڪسيڪو(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ قتل ڪري ميڪسيڪو فرار ٿي ويندڙ ۽ اتي نالو ۽ روپ تبديل ڪري يوگا پڙهائيندڙ ڏوهاري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪو 12 سالن کان اتي پڙهائي رهيو هو

ميڪسيڪو ۽ آمريڪي ٻٽي شهريت رکندڙ هورگي روئڊا لينڊيروس 2010ع ۾ ميري لينڊ ۾ هڪ کان وڌيڪ قتل ڪري روپوش هو ۽ ايف بي آءِ هن کي انتهائي گهربل ڏوهارين ۾ شامل ڪيو هو، پر هن پنهنجو نالو تبديل ڪري پاڻ کي ليون فرارا جو نالو ڏئي ۽ ميڪسيڪو جي هڪ عام شهر گاڊالاهارا ۾ يوگا جو استاد بڻجي ويو هو، ان دوران پوليس هن کي ڳوليندي رهي هئي

هورگي ميري لينڊ ۾ سومارڪم نالي هڪ شخص کي هن جي گهر اندر قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو ئي هن جو سڀ کان وڏو ڏوهه به هو جنهن کانپوءِ ايف بي آءِ هن جو نالو انتهائي گهربل جوابدارن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو. پر هاڻي هن کي گرفتار ڪيو ويو آهي