قبوسعيدخان (ن پ ا) قبو سعيد خان ۾ جي يو آءِ طرفان مختلف مسئلن جي حل لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن قاري عبدالباسط ٻرڙو، حافظ عبدالرحيم کوسو، عبدالعزيز ٻرڙو، امجد کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب تعلقو قبو سعيد خان نڌڻڪو بڻجي ويو آهي، هنن چيو ته دريائن ۾ پاڻي هجڻ باوجود سيف الله مگسي برانچ مان نڪرندڙ مختلف شاخن قبوشاخ، پتوجا شاخ، ڍوري شاخ، نيوگنداخا لفٽ مائينر، امداد مائينر کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري علائقي ۾ سوڪهڙي جهڙي صورتحال آهي، هنن چيو ته امن امان جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي ۽ چوريون ۽ ڦرون عام ٿي ويون آهن. اڳواڻن چيو ته ٽائون ڪاميٽي طرفان هن محل تائين هڪ ٽڪي جو به ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو ويو، هنن مطالبو ڪيو ته شهر جا مئسلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.