نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ مال پڙي جو ٺيڪو نه ٿي سگهيو، ٺيڪيدار ٺيڪو ڳجھه ڳوھ ۾ ڏيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب نئون دمبالو مال پڙيءَ جي ٺيڪي جو گذريل ڏينهن رٿيل نيلام نه ٿي سگهيو. آڪشن ڪاميٽي جو چئيرمين ۽ ميمبرن سميت آفيس ڇڏي غائب ٿي ويا. ٺيڪيدار اورنگزيب قائمخاني، چاند بلڊر، ظفر اينڊ سنز جي نمائندن ان موقعي تي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته اسين گذريل ٽن ڏينهن کان آفيس جا چڪر ڪاٽي رهيا آھيون پر ڪوبه آفيسر يوسي دمبالو آفيس ۾ موجود نه آھي. اڄ آڪشن جي آخري تاريخ هئي جنهن جو وقت پڻ ختم ٿي ويو آھي. اسان کي ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته مال پڙيءَ جو ٺيڪو لڪ چوريءَ ۾ من پسند ماڻهن کي ڏيڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. هنن جو چوڻ هو ته ٽائون انتظاميا هن ڀيري به مال پڙيءَ جو ٺيڪو ان ٺيڪيدار کي ڏيڻ چاهي ٿي جيڪو ڪافي عرصي کان بليڪ لسٽ آھي. هنن مڪاني ادارن جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مال پڙيءَ جو کليل عام نيلام ڪري عوامي رقم هڙپ ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.