ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ جي هندو واپاري هيرالعل جي زرعي زمين ۽ سيٺ محمد ايوب شيخ جي دوڪان تي قبضي ۽ کائن ڀتو گهرڻ خلاف ايس يوپي پاران انڊس هاء وي روڊ کان گهنٽا گهر چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ايس يوپي جي ڪارڪنن ضلعي دادو جي صدر سڪندر علي سوڍر ،جنرل سيڪريٽري عبدالحميد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس يو پي آفيس انڊس ها۽ وي باء پاس روڊ ميهڙ کان احتجاجي مظاهرو ڪري 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري گهنٽا گهر چونڪ تي ڌرڻو هڻي قبضا خوري مرده آباد ،ڀتا خوري مرده جي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ ايس يوپي ضلعي دادو جي صدر سڪندر علي سوڍر ۽ ٻين الزام هنيو ته اعجاز سيال ڀتو وٺڻ لاء ميهڙ جي هندو واپاري هيرا لعل جي پلاٽ تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي ۽ کير جي واپاري سيٺ محمد ايوب شيخ جي دڪانن تي سڌير کوسو۔مٺل کوسو ۽ ٻيا قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري کانئن لکين رپيا ڀتو گهري رهيا آھن هنن مطالبو ڪيو ته انهن قبضي خورن ۽ ڀتا خورن کي گرفتار ڪري واپارين ۽ دڪاندارن کي تحفظ ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ ايس يوپي پاران شهر جي واپارين کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاء روزانو احتجاجي مظاهرا ڪري تحريڪ هلائي ويندي