سن (ن پ ا) سن ڀرسان مانجھند اسٽاپ تي پيٽرول پمپ جي سامھون سوزوڪي کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي ۽ پاسي ۾ ٻيٺل موٽر سائيڪل کي به سوزڪي مان باھ وڪوڙي وئي. مصري ابڙو سيوهڻ کان حيدرآباد طرف وڃي رھيو ھو ته مانجھند ڀرسان علي نواز پيٽرول پمپ جي سامھون سوزوڪي کي وائرنگ مان باھ لڳي وئي. فائر برگيڊ گاڏي نه پھتي، جيڪا ٽائون ڪاميٽي مانجھند جي نا اھلي جي ڪري خراب اسپتال ۾ بيٺل آھي موٽروي پوليس به واقعي واري ھنڌ دير سان پھتي ڊرائيور پنهنجي مدد پاڻ باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو.