قانوني دستاويزرکندڙ افغان پناهگير عارضي طور تي پاڪستان ۾ رهندا: نگران وفاقي سرڪار

0
194

اسلام آباد: قانوني دستاويزرکندڙ افغان پناهگير عارضي طور تي پاڪستان ۾ رهندا، نگران وفاقي حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب قانوني دستاويز رکندڙ افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ تحفظ حاصل هوندو

ڪراچي، اسلام آباد ۽ پشاور سميت ملڪ جي مختلف علائقن مان غيرقانوني ترسيل پرڏيهين جي پنهنجي وطن واپسي جو عمل جاري آهي، قانوني دستاويز رکندڙ افغان شهرين تان خطرو ٽري ويو

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پي او آر يا اي سي سي  ڪارڊز رکندڙ افغان پناهگير پاڪستان ۾ رهي سگهندا، قانوني دستاويز رکندڙ افغان پناهگيرن کي تحفظ حاصل هوندو

وفاقي ڪابينا جي ايندڙ فيصلي تائين رجسٽرڊ افغان پناهگير عارضي طور تي رهي سگهن ٿا، نوٽيفڪيشن ۾ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي گرفتار نه ڪيو وڃي

 پاڪستان ۾ 17 لک 30 هزار افغان شهرين  وٽ رهائشي  دستاويز ناهن،کين پهرين نومبر تائين  پاڪستان ڇڏڻ جي ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي