قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد موڙ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻا شاھنواز زرداري، يعقوب پٺاڻ ۽ خاصدار پٺاڻ زخمي ٿي پيا، زخمين کي رورل ھيلٿ سينٽر قاضي احمد منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبعي امداد ڏئي فارغ ڪيو ويو. جڏھن ته هڪ ڄڻي يعقوب پٺاڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس نواب شاهه پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ويو.