لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ 3 سال اڳ جنسي زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪيل نينگري صائمه جروار جي خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف سنڌ يوٿ سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن طرفان ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي امجد کهاوڙ، سرفراز ڪلهوڙو، رزاق جتوئي، شهزاد کوکر، ڪامران مٺاڻي، احسان انڙ ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان جنسي زيادتي ۽ قتل ڪندڙ جوابدارن کي سزائون نه ملڻ سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي سزا ڏئي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.