لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ذوالفقار باغ قاضي گهٽي ۾ اڻ ڄاتل شر پسندن مبينا طور ايڊووڪيٽ اختر لڪ ۽ ميروخان واسي ايڊووڪيٽ جمن ڀاڳت جي ٻن ڪارن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا. اختر لڪ ٻڌايو ته سندن گاڏيون گهٽي ۾ بيٺيون هيون ته نامعلوم ماڻهو کين باهه ڏئي فرار ٿي ويا.