سيتاروڊ( رپورٽ امتياز احمد ٻگهيو) سيتاروڊ ۾ ڪالهه ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي چيئرمين قادر چانڊيو پاران اعلانيل جلسو نه ٿي سگهيو. سيتاروڊ جي ريلوي اسٽيشن گرائونڊ ۾ جلسي لاء پنڊال ٺاهيو ويو هو. قادر چانڊيو سيتاروڊ جلسي لاء وڏي ريلي جي صورت ۾ اچي رهيو هو ته پوليس مختلف جاين تي سندس رستا روڪ ڪئي. جتان ڳالهين بعد قادر چانڊيو شام جي وقت ريلي جي صورت ۾ سيتاروڊ پهتو ته شھر ٻاهران نياز پيٽرول وٽ پوليس 4 کان وڌيڪ موبائلون بهاري سندس رستو بلاڪ ڪري ڇڏيو. قادر چانڊيو کي شھر اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. جنهن بعد ڌرتي ڌڻي تحريڪ چيئرمين پنهنجي گاڏي روڊ تي بهاري رستو ملڻ جو انتظار ڪندو رهيو. جڏهن ته سندس ڪارڪن پوليس آڏون ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. جنهن دوران هنن انتظاميا ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. آخري اطلاعن تائين قادر چانڊيو کي سيتاروڊ شھر اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو. جنهن سبب سيتاروڊ ۽ دادو روڊ 2 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين بند ۽ آخري اطلاعن تائين بند رهيو. جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ پڻ بند رهي. قادر چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسانجو جلسو پرامن مهانگائي, بندن جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ ۽ وڏيرا شاهي خلاف هو. پر انتظاميا ڏاڍ جو مثال قائم ڪندي اسانجي رستا روڪ ڪئي. جيڪا ناانصافي آھي. ياد رهي ته قادر چانڊيو ۽ پ پ پ اڳواڻ قمبر خان لغاري سوشل ميڊيا تي آمهون سامهون ٿيڻ بعد هڪٻئي خلاف سخت زبان استعمال ڪئي هئي. جنهن بعد قادر چانڊيو سندس کي سوشل مڊيا تي چيلنج ڪندي سندس شھر سيتاروڊ ۾ اچي جلسي جو اعلان ڪيو هو. جيڪو جلسو نه ٿي سگهيو. ٻئي طرف قمبر لغاري پاران پڻ پنهنجي رهائشگاھ ۾ برادري ۽ شهرين جو ڪٺ ڪوٺرايو هو. جنهن ڪٺ ۾ قمبر لغاري تي مڪمل اعتماد جو اظھار ڪيو ويو.