ھالاڻي (ن پ ا) ھالاڻي ۾ نافرمان پٽ نشي لاءِ پيسا نه ڏيڻ تي ماءُ کي پٿر ھڻي سندس ڄنگهه ڀڃي ڇڏي، شھر جي گاڏھي محلي ۾ نافرمان پٽ محبوب عرف ڪوڏو پنهنجي امڙ جيئندي خاتون کان نشي لاءِ پيسا گهريا ته سندس ماءُ جواب ڏنو، جنهن تان هن پٿر هڻي ماءُ جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي، پيرسن عورت کي پاڙيوارن زخمي حالت ۾ نجي اسپتال داخل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن علاج ڪري سندس گهر روانو ڪيو، ٻئي پاسي ھالاڻي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي، مسمات جيئندي ٻڌايو ته سرعام منشيات وڪرو ٿيڻ ڪري شھر جا 80 سيڪڙو نوجوان نشي ۾ مبتلا ٿي ويا آھن، منهنجو پٽ به نشو واپرائي ٿو، هن شهر مان منشيات جو وڪرو بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.