ٺٽو ( رپورٽر ) جيئي سنڌ تحريڪ(ڪرناڻي) مرڪز جي چونڊ، سينيئر سياستدان سورھيه سنڌي چيئرمين چونڊجي ويو. جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اليڪشن يوسف ڪرناڻي ۽ باغي راڄپر  جي نگراني هيٺ ٺٽي ۾ ٿي گذريون، جنهن ۾ ٻن 2 سالن لاءِ نئين باڊي چونڊي وئي، جنھن ۾ چيئرمين سورھيه سنڌي، سينيئر وائيس چيئرمين ميرساگرسيال، وائيس چيئرمين انور بڙدي، جنرل سيڪٽري قيوم ابڙو، ڊپٽي جنرل سيڪٽري راول ڪرناڻي، جوائينٽ سيڪٽري بشير بروھي، پريس سيڪٽري آڪاش کٽي، ماليات سيڪٽري حسين بخش قمبراڻي، رابطا سيڪٽري سھيل ڪلوڙ چونڊيا ويا، مرڪزي باڊي جي چونڊ کانپو۽ جيئمسٽ ڪائونسل جا 10 ميمبر چونڊيا ويا. جنهن ۾ ماجد ابڙو، جاويد ڪرناڻي، يوسف ڪرناڻي، ڊاڪٽر  نياز ڪرناڻي، باغي راڄپر، جي ايم ميمڻ، مرتضيٰ مغل، مصري مهر، مير مهر ۽ محمد عمر ڪرناڻي شامل آهن چونڊيل مرڪزي باڊي ۽ جيئمسٽ ڪائونسل جي ميمبرن کي حلف کڻايو ويو.