ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ: علي غلام کوسو) ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ شھمير رند ۾ پراسرار بيماري ۾ 8 ٻارڙا فوت ٿيڻ بعد ڊي جي ھيلٿ جمن ٻاهوٽو پنھنجي ٽيم سيد مشتاق شاهه، ڊي ايچ او جئرام مداس، ڊاڪٽر مرتضيٰ ۽ ٻين سان گڏ ڳوٺ شھمير رند پھتو، جتي ھن ڊاڪٽرن پاران لڳايل ڪئمپ جو معائنو ڪيو ۽ ٻارڙا فوت ٿيڻ تي وارثن سان ڳالھايو، ان موقعي تي وارثن ٻارڙن جي اوچتي فوت ٿيڻ بابت کين تفصيل ڏنا، ڳوٺاڻن ڊي جي ھيلٿ کي صحت کاتي جي عملدارن جي ناروا سلوڪ جون پڻ دانھون ڏنيون، ان موقعي تي ڊي جي ھيلٿ ۽ ڊي ايچ او چيو ته ڳوٺ شھمير رند ۾ جيڪي ٻارڙا فوت ٿيا آھن انھن ۾ رت گھٽ ھجڻ ۽ ڪمروز ھجڻ سبب لڳي ٿو، هنن چيو ته اسان ليٽر لمس وارن کي لکيو آھي، جن جي ڊاڪٽرن جي  ٽيم به جلد ايندي ۽ وڌيڪ وري چڪاس ڪري ٽيسٽ ڪندي، ٻئي پاسي ڊي جي ھيلٿ اسپتال تي ڇاپو ھنيو، جنهن دوران ڊيوٽي تان غير حاضر رهندڙ ڊاڪٽر طارق ٻگھيو جي جاءِ تي رٽائر ڊاڪٽر جان محمد ٻٻر موجود ھو، ڊي جي ھيلٿ صحافين کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر طارق ٻگھيو جي جاءِ تي رٽائرڊ ڊاڪٽر جان محمد ٻٻر ڊيوٽي ڪري رھيو ھو، مون ڊاڪٽر طارق ٻگھيو ۽ ايم ايس نظير سولنگي خلاف ليٽر سيڪريٽري ھيلٿ  کي لکيو آھي، جلد انھن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊي جي ھيلٿ جي دوري جو ٻڌي اسپتال عملي م ٿرٿلو مچي ويو.