نوابشاهه (بيورو رپورٽ) قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ ۾ سال 2022 ۾ داخلا لاءِ ڪمپيوٽرائيز انٽري ٽيسٽ پنج شفٽن ۾ ورتي وئي، وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون جي نگراني ۾ يونيورسٽي جي  33 مختلف ڊپارٽمينٽن ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي، انٽري ٽيسٽ بابت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون بريفنگ ڏيندي چيو ته يونيورسٽي جي 27  ڊپارٽمينٽن   ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس جي 6 ڊپارٽمينٽن ۾ 2022 ۾ داخلا لاءِ ڪمپيوٽرائيز انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي، جيڪا پنج شفٽن  ۾ ورتي ويندي ۽ اهو عمل 4 ڏينھن جاري رھندو، ھن چيو ته ڪمپيوٽر تي اميدوار جيئن ئي ٽيسٽ ختم ڪندو ته ان جو نتيجو سامھون اچي ويندو، ھن چيو ته ھن سال 7083 آن لائين فارم جمع ٿيا، جن مان 3075 شاگرد اميدوارن جي ڪمپيوٽرائزڊ انٽري ٽيسٽ ورتي پئي وڃي، ھن چيو ته ڪمپيوٽرائزڊ انٽري ٽيسٽ  ٽن مرحلن ۾ جولائي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر  ۾ورتي ويندي، ھن چيو ته 28 سيپٽمبر تي داخلا ڏني ويندي، آڪٽوبر 2022 ۾ ڪلاس شروع ڪيا ويندا،