حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراهه پي ايس 66 جو دورو ڪيو جتي پ پ پاران مڪاني چونڊن لاءِ نامزد اميدوارن سان سندن علائقن جي بنيادي مسئلن بابت آگاهي ورتي. هن چيو ته اسان ڪنهن کي به نفرت جي سياست ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا ڇاڪاڻ ته هو پاڻ به سڀني جي جهنڊي جو احترام ڪن ٿا. عاجز ڌامراهه چيو ته شهر ۾ 40 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي عوام کي حقن کان محروم رکيو آهي پر هاڻي پيپلزپارٽي جو جيالو ميئر ٿي حيدرآباد واسين خدمت ڪندو. عاجز ڌامراهه مڪاني ادارن جي اميدوارن جي اليڪشن آفيسن جو پڻ دورو ڪيو.