بدين (رپورٽر) بدين پوليس طرفان صحافين خلاف انتقامي ڪارواين خاص ڪري گولاڙچي جي صحافي ياسين آرائين خلاف ڊيوٽي اٽڪاءُ جو قسم داخل ڪري گرفتار ڪري تشدد ڪرڻ صحافي دودو پنهور تي منشات فروش جي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي  گرفتار نه ڪرڻ خلاف يونين آف جرنلسٽ جي سينئر نائب صدر ملڪ محمد الياس بدين يونٽ صدر شوڪت ميمڻ جنرل سيڪريٽري هارون گوپانگ،ايوان صحافت بدين جي جنرل سيڪريٽري شفيع محمد جوڻيجو، پريس ڪلب گولاڙچي جي صدر ملڪ طارق محمود سينئر صحافي اعجاز زئي ٽي جرنلسٽ جي صدر ناصر انجم پريس ڪلب جي صدر تنوير احمد آرائين جنرل سيڪريٽري عمران عباس خواجه جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب بدين ۾ هنگامي اجلاس ٿيو. اڳواڻن چيو ته ضلع ۾ صحافين خلاف پوليس جي زيادتين خلاف پوليس جي آفيشل واٽس گروپن ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ڇڏڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پوليس جي خبرن جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو. جڏهن ته سومر کان ضلعي جي تعلقي هيڊڪواٽر ۾ مظاھرن ۽ ضلع هيڊ ڪوارٽر ۾ به مظاهرو ڪرڻ سان گڏ فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ،حيدرآباد آباد يونين آف جرنلسٽ جي پليٽ تان پوري سنڌ ۽ ملڪي سطح تي مظاهرا ڪيا ويندا. ٻئي پاسي ڪڙيوگهنور پريس ڪلب جي صحافين  سياسي سماجي اڳواڻن ساحل ممتاز مهيري   ملڪ اصغر راهي ، عبدالرسول سمون ، ڊاڪٽر انور اعواڻ ، عقيل ڪلهوڙو  عبدالرزاق مهيري ، انيل ڪمار ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج به ڪيو ويو.