فيٽف ۽ آءِ ايم ايف واهه جو لڳا آهن

0
198
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

“هڪ ڏٻري ٻيو مڇر گهڻا” .اڄڪلهه پاڪستاني معيشت  تي اهو  محاورو  صفا ٺهڪي ٿو اچي.2018ع کان پاڪستاني معيشت جن هچائن کي منهن ڏيندي پئي اچي انهن هچائن مان لڳي نه ٿو ته ڪو جلد ڇوٽڪارو ملڻ وارو آهي. ڏينهون ڏينهن نوان مسئلا ۽ مصيبتون انهي کي پنهنجو شڪار بڻائي رهيون آهن. ڊالر جو اگهه روز ڪري رهيو آهي پيٽرول اهڙا پر پکيڙيا آهن جو لڳي ٿو ته اڏامي وڃي آسمان سان لڳندو.

ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪونهي ۽ زرعي ملڪ هوندي کنڊ ،ڪڻڪ به امپورٽ ڪرڻي پوي ٿي جنهن ڪري ناڻي جا ذخيرا وڃن ٿا گهٽ ٿيندا ۽ رپئي جي ملهه ويهي وڃي ترو ورتو آهي.ڪاروبار ٺپ ٿي رهيو آهي بيروزگاري وڌي رهي آهي ۽ مهانگائي ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن.اهڙي صورتحال ۾ ٿوري گهڻي اميد آءِ ايم ايف کان ملڻ واري قسط ۾ هئي لڳي ٿو اهو ڪم به رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ فيٽف جي گري لسٽ واري تلوار به اڃان لٽڪي پئي آهي،

خبر ناهي ايندڙ ڏينهن معيشت لاءِ ٻيون ڪهڙيون مصيبتون کڻي ايندا انهي لاءِ اڳواٽ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته پاڪستاني معيشت جي حالت انهي همراهه جهڙي آهي جيڪو شينهن جي آڏو اچي ٿو وڃي ۽ هن وٽ ڪو بچاءُ ناهي ۽ جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي سو شينهن کي ئي ڪرڻو آهي.

پڪستان 2018 ع کان وٺي فيٽف جي گري لسٽ ۾ شامل آهي جنهن ڪري انهي جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي. هڪڙي اميد هئي ته پئرس ۾ هلندڙ فيٽف جي اجلاس ۾ شايد پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته پاڪستان ڪيتري وقت کان فيٽف جي شرطن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ انهن مان گهڻن نڪتن تي عمل به ڪري چڪو هو پر فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف)پنهنجي اجلاس ۾  پاڪستان کي  وري فيبروري 2022ع تائين گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ گڏيل قومن پاران دهشتگرد قرار ڏنل ادارن، تنظيمن ۽ فردن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ ۽ کين سزائون ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پئرس ۾ ٽن ڏينهن تائين هلندڙ   اجلاس ۾ پاڪستان حڪومت جي 27 شرطن تي ڪيل  اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

 اجلاس ۾ مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي سزائن بابت پاڪستان جي ڪارڪردگي کي به جاچيو ويو. اداري موجب پاڪستان مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ خاطر خواه اڳڀرائي ڪئي آهي، ان حوالي سان پاڪستان 6 مان 4 شرط پورا ڪري ورتا آهن، مجموعي طور تي پاڪستان حڪومت 27 مان 26 شرط پورا ڪيا آهن. فيٽف پاڪستان طرفان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد بابت هيل تائين قدمن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پاڪستان کي ايندڙ سال فيبروري تائين گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي فيٽف جي صدر مارڪوس پليئر چيو ته پاڪستان گري لسٽ ۾ رهندو، پاڪستان مجموعي طور تي نئين ايڪشن پلان تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي،

پاڪستان 34 مان 30 نڪتن تي عمل ڪيو آهي جنهن مان پاڪستان جي حڪومت جو عزم واضح آهي ان ڪري ئي پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿي، پاڪستان باقي رهيل چئن نڪتن مان ٻن نڪتن تي اڳڀرائي ڪئي آهي جڏهن ته ٻن نڪتن تي اڃان عمل ٿيڻو آهي جنهن کي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 مطلب ته فيٽف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جو آسرو به ايندڙ سال تائين هليو ويو آهي اها به پڪ ناهي ته انهي کانپوءِ ڇا ٿيندو؟جڏهن ته ملڪي معيشت جي حالت ابتر کان ابتر ٿيندي پئي وڃي.هوڏانهن آءِ ايم ايف سان هلندڙ ڳالهين ۾ اهو آسرو هو ته رڪيل قسط جاري ٿي ويندي ته عارضي طور ڪجهه مالي پريشانيون گهٽجي سگهنديون، پر هاڻ لڳي ٿو اهو آسرو به ختم ٿيڻ پيو وڃي ڇو ته خبرن مطابق ناڻي وارو صلاحڪار ڳالهين کي ڇڏي واشنگٽن مان واپس ٿيو آهي جنهن کي وزيراعظم سان گڏ سعودي عرب وڃڻو آهي .جڏهن ته باقي ڳالهيون ناڻي وارو سيڪرٽري آءِايم ايف عملدارن سان ڪندو هاڻي اهي ڪيترو ڪامياب ٿي سگهن ٿيون ان جي ڪا ضمانت ناهي .

اسان سمجهون ٿا ته  آخري سهارو اهو وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو آهي جنهن ۾ جيڪڏهن ڪو وڏو بريڪ ٿرو ٿيو تڏهن ڪجهه مهينا وڃي پاڪستان پنهنجي معاشي صورتحال کي سنڀالي معيشت کي بهتر بڻائڻ جا قدم کڻڻ جي پوزيشن ۾ هوندو نه ته جيڪا معاشي صورتحال آهي انهي کي ڏسي لڳي ٿو ته ايندڙ ڏينهن عوام جي تڪليفن ۽ پاڪستان جي معاشي صورتحال لاءِ ڏاڍا خراب هوندا،بس رڳو ٻاهرين قرض ۽ امداد جو آسرو ئي  ڪري سگهجي ٿو باقي پنهنجي معيشت جي اوچتو اڀرڻ جي ته ڪا واٽ ئي نظر نه ٿي اچي.