عدالتي ڇاپي بعد پوليس لال چند سيتلاڻي ۽ سندس پٽ شيوا جي گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي

0
295
عدالتي ڇاپي بعد پوليس لال چند سيتلاڻي ۽ سندس پٽ شيوا جي گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي
عدالتي ڇاپي بعد پوليس لال چند سيتلاڻي ۽ سندس پٽ شيوا جي گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي

جيڪب آباد(ن پ ا)  عدالتي ڇاپي بعد سٽي پوليس ھندو جنرل پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي ۽ سندس پٽ شيوا جي 24 ڪلاڪن بعد گرفتاري ظاھر ڪري ڇڏي

گرفتاري ڪٿان ڪئي وئي آهي؟ ٽائيم نيوز جي سوال تي ايس ايڇ او سٽي عبدالجھانگير لنوائيندو رھيو ۽ چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌائيندس

واضح رهي ته گذريل ڏينهن  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي ايس ايس پي خلاف دانهن ڏيڻ تي هندو پنچائت جو صدر لال چند سيتلاڻي پٽ سوڌو کنڀجي ويو هو

لال چند سيتلاڻي جي بازيابي لاءِ سندس ڀاءُ کيمچند ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي، جنهن  تي اڄ صبح جو فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير سٽي ٿاڻي تي ڇاپو هنيو ته ٿرٿلو مچي ويو

عدالتي ڇاپي دوران ھندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي ۽ سندس پٽ شيوا نه ملي سگهيا هئا، هاڻي پوليس  تقريبن 24 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ پيءُ پٽ جي گرفتاري ظاهر ڪئي آهي

هي به ياد رھي ته هندو پنچائت جي صدر گذريل ڏينهن ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران پوليس جي ڪوڙن ڪيسز ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد تي تنقيد ڪئي هئي