فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج تعلقي ۾بينظير انڪم سپورٽ (بي آءِ ايس پي) جي7هزار رپين واري قسط اچڻ شرط ڊوائيس هولڊرن پاران هڪ کان ٻه هزار رپين تائين ڪٽوتي جون شڪايتون وڌي ويون. بينظير انڪم سپورٽ جي وظيفي کان علاوه شاگردن جي بي فارم واري رقم مان پڻ ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي.  فيض گنج تعلقي جي مختلف شهرن پڪا چانگ، ڪوٽ لالو، امن چودڳي، ڀنگو بهڻ ۾ ڊوائيس هولڊرن پاران سرعام ڪٽوتي جاري آهي. ان سلسلي ۾ مستحق عورتن وزير خاتون شيخ، عظيمان، ڪلثوم خاتون ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيوته ڊوائيس هولڊر هر عورت جي رقم مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن. رشوت نه ڏيندڙ عورتن توڙي شاگردن جي والدين کي مختلف بهانا ڪري واپس ڪيو وڃي ٿو. دڪانن تي هلندڙ ڊوائيس هولڊرن وٽ  ڪي به سهولتون نه هجڻ ڪري عورتن جي روڊن رستن تي رش لڳل هوندي آهي. ڪٽوتي ڪرڻ جي شڪايتن باوجود لاڳاپيل انتظاميا خاموش بڻيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس هولڊرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.