سامارو (ن پ ا) سامارو ڀرسان پنجين ڪلاس جو شاگرد مبينا اغوا، وارثن جو مظاھرو، ڌرڻو، ٽائرن کي باھيون، خبر موجب راھو آباد مان پنجين درجي جو شاگرد مولا بخش عرف پپو سولنگي اسڪول اچڻ دوران مبينا طور رستي مان اغوا ٿي ويو، اغوا خلاف شاگرد جي وارثن ۽ علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائيرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو جنهن ڪري سامارو پٿورو روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج ڪندڙن چيو ته شاگرد صبح جي وقت گھر کان اسڪول ويو ۽ وچ مان کيس اغوا ڪيو ويو آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ٻڌايو ته معاملي  جي خبر پئي آهي، جاچ ڪري رھيا آھيون، جلد شاگرد کي بازياب ڪرايو ويندو.