ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو شهر جي دين پور محلي جي رهواسي ارشاد سيال انڪم سپورٽ پروگرام جي عملدارن ۽ پيسا ڪڍندڙ ڊوائيز هولڊرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، هن الزام هنيو ته 2014 ۾ فوت ٿيل عورت سڀل کي زندهه ڄاڻائي جعلسازي ذريعي پيسا ڪڍيا ويا آهن، هن چيو ته منهنجي گهر واري 2014  ۾ فوت ٿي وئي، ڊوائيز هولڊرن ظلم ڪندي گهر واري کي زندهه ڄاڻائي 2020 کان پيسا ڪڍيا آهن، هن چيو ته واسطيدار عملدارن وٽ شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قدم کنيو وڃي.