فيصل آباد ۾ اڻڄاتل جوابدارن کدڙي فقير کي قتل ڪري ڇڏيو

0
199

فيصل آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب صوبي جي ضلعي فيصل آباد ۾ کدڙي فقير کي قتل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب، نشاط آباد جي علائقي چڪ جمهره روڊ تي هڪ گهر مان کدڙي فقير جو لاش مليو، کدڙي فقير کي تيز ڌار اوازار جا وار ڪري قتل ڪيو ويو، کدڙي فقير جي سڃاڻپ علي رضا عرف روپا جي نالي سان ٿي، پوليس موجب، شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن، شڪي ماڻهن کي تحويل ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.