اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ مان اپوزيشن جي مخالفت باوجود وفاقي حڪومت اوچتو ضمني ايجنڊا تحت سي پيڪ اٿارٽي جي قيام جو بل پيش ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر جو واڪ آئوٽ، مخالف ڌر جي غير موجودگي ۾ وفاقي حڪومت سينيٽ مان سي پيڪ اٿارٽي جي قيام جو بل منظور ڪرائي ڇڏيو، سينيٽ جو اجلاس چيئرمين سينيٽ صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، سوالن جوابن جي وقفي دوران هيلٿ سروسز واري وزارت جي طرفان پارلياماني مامرن واري مملڪتي وزير پاران جواب ڏيڻ تي مخالف ڌر جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني اعتراض ڪندي چيو ته هيلٿ سروسز واري مامري تي پڇيل سوال جي جواب دوران لاڳاپيل وزير جو هجڻ جو ضروري آهي، حڪومتي ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم جواب ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر فيصل صحت جو خصوصي معاون آهي ان ڪري هو ايوان ۾ اچي جواب نه ٿو ڏئي سگهي، ان جي جاءِ تي مملڪتي وزير جواب ڏئي رهيو آهي، وزارت پاران ڏنل جواب مطابق پاڪستان ۾ 112 ملين ماڻهو ويڪسين لڳائڻ جا اهل آهن، ملڪ جي 18 سالن کان گهٽ عمر واري آبادي جيڪا 49 سيڪڙو آهي ان کي ويڪسين لڳائڻ جي ضرورت ناهي، حڪومت سال 2021ع جي مڪمل ٿيڻ تائين 78 ملين آبادي کي ڪورونا ويڪسين لڳائيندي، جڏهن ته 2022ع ۾ ملڪ جي سموري آبادي کي ڪورونا جي ويڪسين لڳائي ويندي، مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته هن وقت ويڪسينيشن لڳائڻ وارو عمل تيز ڪيو ويو آهي، هن وقت تائين 3.2 ملين ماڻهن کي هڪ ڊوز جڏهن ته 1.5 ملين ماڻهن کي مڪمل ويڪسين لڳائي وئي آهي، جن ماڻهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ناهي اهي به ويڪسين ڪرائي سگهن ٿا، ان بابت طريقيڪار ڳوليون پيا، اجلاس ۾ حاجين کي چين جي ويڪسين لڳائڻ واري مامري تي حج کان روڪڻ واري سعودي عرب جي موقف تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس سينيٽر نزهت صادق پيش ڪيو، ان جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته سعودي عرب طرفان چيني ويڪسين لڳائڻ وارن کي حج جي اجازت نه ڏيڻ واري مامري تي پرڏيهي وزارت، مذهبي مامرن واري وزارت ۽ هيلٿ سروسز واري وزارت سعودي حڪومت سان ڳالهيون ڪري رهي آهي اميد آهي ته اسان جو ڪو به حاجي چيني ويڪسين سبب حج کان محروم نه ٿيندو، سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ کانپوءِ حڪومتي ڌر اوچتو ضمني ايجنڊا ايوان ۾ پيش ڪرڻ چاهي ته سينيٽ چيئرمين به حيرت مان حڪومت کان دريافت ڪيو ته هي ڪهڙي ضمني ايجنڊا آهي؟، جنهن بعد وزيراعظم جي پارلياماني مامرن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ سي پيڪ اٿارٽي جي قيام جو بل پيش ڪرڻ چاهيو ته مخالف ڌر بابر اعواڻ تي اعتراض واريو. اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني چيو ته بل جا مخالف ناهيون پر اهو بل ڪاميٽي کي اماڻيو وڃي، اپوزيشن جي مخالفت باوجود وفاقي وزير شبلي فراز سي پيڪ اٿارٽي جي قيام جو بل پيش ڪيو ته اپوزيشن سخت احتجاج ڪندي واڪ آئوٽ ڪري ايوان مان هلي وئي، جنهن بعد اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ سينيٽ جي ايوان سي پيڪ اٿارٽي جي قيام جي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ اجلاس اڄ جمعي ڏينهن 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. واضح رهي ته قومي اسيمبلي اڳ ئي سي پيڪ اٿارٽي جي قيام جو بل منظور ڪري چڪي آهي.