اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ بزرگ شهرين جي حقن بابت بل پيش، پيش ڪيل بل ڪاميٽي حوالي، بل تحت بزرگ شهرين کي اسلام آباد ۾ اولڊ هومز ۾ رهڻ جي سهولت ملندي، ائير لائينن، ريلوي ۽ سرڪاري ٽرانسپورٽ جي ڪراين تي بزرگ شهرين کي 20 سيڪڙو رعايتون ملنديون، بزرگ شهرين کي خصوصي ڪارڊ جاري ٿيندو، اهي تفريحي هنڌن، پارڪن ۾ مفت وڃي سگهندا، کين مالي امداد به ڏئي سگهبي، بزرگ شهرين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ شڪايتي ڪاميٽي يا ڪائونسل قائم ٿيندي، بزرگ شهرين جو احترام نه ڪندڙ تي 50 هزار جرمانو لاڳو ٿي سگهندو، اگر ڪو ذميوار بزرگ شهري جي حقن جو تحفظ نه ڪندو ته کيس هڪ لک رپيا جرماني طور ادا ڪرڻو پوندو، بزرگ شهرين کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ به هوندي.