اسلام آباد: سينيٽ ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري گهريلو تشدد جي روڪٿام ۽ تحفظ وارو بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو، بل تي ڳالهائيندي شيرين مزاري چيو ته اهو بل 10 مهينن کانپوءِ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيو آهي، ڊگهي عرصي تائين انساني حقن واري ڪاميٽي جنهن جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آهي ان ۾ التوا هيٺ رهيو، منهنجي درخواست آهي ته ان بل تي سياست نه ڪئي وڃي، پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو ته ان بل کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ان بل ۾ ڪجهه شقون اهڙيون آهن جيڪي اسان جي خانداني نظام سان ٽڪراءُ رکن ٿيون، بهتر ٿيندو ته ان بل کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي، چيئرمين سينيٽ بعد ۾ بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو.