اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ويو، آفيسرن ٻين ملازمن بدران پنهنجون پگهارون وڌائي ڇڏيون، اسٽيٽ بينڪ جي سڄي انتظاميا کي فارغ ڪرڻ گهرجي ها. سپريم ڪورٽ ۾ گولڊن هينڊ شيڪ اسڪيم جي حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي اسلام آباد هاءِ جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪئي. ان موقعي تي چيف جسٽس اسٽيٽ بينڪ انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته آفيسرن ٻين ملازمن بدران پنهنجون پگهارون وڌائي ڇڏيون، اسٽيٽ بينڪ جي سڄي انتظاميا کي فارغ ڪرڻ گهربو هو، اسٽيٽ بينڪ کي اربين رپين جو نقصان پهچايو ويو، ايڏو وڏو نقصان بينڪ انتظاميا جي نااهلي سان  ٿيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اهڙي قسم جا معاملا سامهون ايندا آهن ته تڪليف ٿيندي آهي، ڪيڏي شرم جي ڳالهه آهي ته وڏا وڏا آفيسر پگهارون کڻي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي اسٽيٽ بينڪ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اداري کي پوءِ ڪيترا پيسا ادا ڪرڻا پيا؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته تقريبن ٻه ارب رپيا ادا ڪرڻا پيا، چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ايڏي وڏي نقصان کانپوءِ به توهان جي ڪنهن آفيسر کي اثر ئي نه ٿيو هوندو. ملازمن جي وڪيل موقف پيش ڪيو ته اسٽيٽ بينڪ جي وڪيل ته لاڳاپيل دستاويز ئي نه لڳايا، جنهن تي چيف جسٽس اسٽيٽ بينڪ جي وڪيل کي چيو ته توهان جهڙي سينيئر وڪيل مان اسان کي اها اميد ئي نه هئي. عدالت گولڊن هينڊ شيڪ جي حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي پر چيو ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 6 مهينن کانپوءِ ٿيندي.