فيصل آباد:غربت سبب پيءُ چئن ٻارن کي ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو

0
496

فيصل آباد (ڊيسڪ رپورٽ) هنڊالا واري علائقي ۾ غربت سبب هڪ پيءُ پنهنجي چئن معصوم ٻارن کي نديءَ ۾ اڇلائي ماري ڇڏيو. پوليس موجب جوابدار محسن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار غربت سبب ٻارن کي عيد جا ڪپڙا وٺي ڏئي نه سگهيو، ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار ٻارن کي ڪپڙا وٺي ڏيڻ بهاني گهران وٺي ويو ۽ ٽن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ کي بکي ڍنڍ ۾ اڇلائي ڇڏيو. جوبدار واپسي تي ٻارن کي لاهور مائٽن وٽ ڇڏي اچڻ جو ڊرامو ڪيو. پوليس موجب بدنصيب ٻارن ۾ جويريه، نمره، عروه ۽ ذوالقرنين شامل آهن، جوبدار جي زال پاران ٿاڻي تي درخواست ڏيڻ بعد جوابدار محسن کي گرفتار ڪيو ويوجنهن جاچ دوران ٻارن کي ڍنڍ ۾ اڇلائڻ جو اعتراف ڪيو، جوابدار جي نشاندهي تي ڍنڍ ۾ ٻارن جي لاشن جي ڳولا جاري آهي.