وفاقي ڪابينا پاران عيدالفطر تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن گهٽائڻ جي منظوري

0
430
وزيراعظم جو سنڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ۾ عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزا ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، معافي جوا طلاق سنگين ڏوهن ۾ قيد ڏوهارين تي نه ٿيندو. اجلاس ۾ ڪورونا ڪيسن تي تازي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو ويو. ڪابينا هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا ۾ ميمبر پروڊڪشن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالوجي جا 100 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگار سڪو جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني. ڪابينا پاران ملڪ جي اقتصادي صورتحال تي قومي پاليسي واضح ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ڪابينا لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ لاءِ سول انتظاميا سان گڏ پاڪ فوج جي مقرري جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پاڪستان ريلوي سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي منظوري ڏني، جڏهن ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جي ٻيهر تشڪيل جي منظوري پڻ ڏني وئي.