سنڌ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پنجاب اجازت وٺڻ بنا تونسا پنجند ڪئنال کولي ڇڏيو

0
266
پنجاب کان سنڌ ڏانهن

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ ۾ پاڻي جي سنگين کوٽ باوجود پنجاب اجازت وٺڻ بنا تونسا پنجند ڪئنال کولي ڇڏيو، ڪئنال ۾ پاڻي جو ڇوڙ جاري، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر پنجاب جي ڏاڍ مڙسي خلاف اٿارٽي جي چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو، پنجاب طرفان ٽي پي ڪئنال کي کولڻ خلاف احتجاج رڪارڊ، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبرز زاهد جوڻيجو چيو آهي ته سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ پهرين لڳايل ڪاٿي کان به وڌي وئي آهي، پنجاب ڪئنالز کولڻ بدران کوٽ ۾ به حصيدار ٿئي، ارسا چيئرمين کان ٽي پي لنڪ ڪئنال جلد بند ڪرائڻ جو مطالبو، گڊو بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ سئو سيڪڙو ٿي وئي، سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 70سيڪڙو ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ کوٽ 42 سيڪرو ٿي وئي.