مڙس ۽ سس پاران مبينا تشدد، گمبٽ ۾ عورت جو ٻارن سوڌو آپگهات جي ڪوشش

0
404

گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي پراڻي مارڪيٽ جي رهواسڻ مسمات سلما شيخ مڙس ۽ سندس سس جي مبينا ظلمن کان تنگ اچي ٻن ٻارن سوڌو روهڙي ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي آپگهات جي ڪوشش ڪئي ته ايندڙ ويندڙ ماڻهن کين بچاءِ ورتو، سلما شيخ جو چوڻ آهي ته ماني دير سان پچائڻ تان مڙس سڪندر شيخ ۽ سس تشدد ڪيو، جنهن ڪري آپگهات ڪرڻ جو سوچيو، مسمات سلما ٻن ٻارن کي وٺي ٿاڻي تي پهتي جتي هن مڙس جي مبينا تشدد جي شڪايت ڪئي، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته سلما کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، ان بعد کيس ماءُ حوالي ڪيو ويندو، پوليس موجب جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي.